اسلام آباد-17 نومبر (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وزارت سرڪاري حج اسڪيم 2026ع جي درخواست گذارن کان ٻين ۽ آخري قسط جي وصولي ۾ ٽن ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي. هاڻي حج بقايائون 19 نومبر تائين جمع ڪرائي سگهجن ٿيون. سومر ڏينهن مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان موجب اهو فيصلو حج پانڌيئرن جي سهولت کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي، اها بقايائن جي ٻين قسط جي ادائيگي …
سرڪاري حج اسڪيم 2026ع جي درخواست گذارن کان ٻين ۽ آخري قسط جي وصولي ۾ ٽن ڏينهن جي واڌ

مزید خبریں
اسلام آباد-17 نومبر (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وزارت سرڪاري حج اسڪيم 2026ع جي درخواست گذارن کان ٻين ۽ آخري قسط جي وصولي ۾ ٽن ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي. هاڻي حج بقايائون 19 نومبر تائين جمع ڪرائي سگهجن ٿيون. سومر ڏينهن مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان موجب اهو فيصلو حج پانڌيئرن جي سهولت کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي، اها بقايائن جي ٻين قسط جي ادائيگي لاءِ آخري مهلت آهي. حج درخواست گذار 19 نومبر تائين لازمي بقايائون جمع ڪرائين، ٻي صورت ۾ حج درخواستون رد ڪيون وينديون.











