ڪوئيٽا-17 نومبر (اي پي پي) جسٽس محمد ڪامران خان ملاخيل، بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس جو حلف کڻي ورتو. گورنر هائوس ۾ حلف برداري تقريب منعقد ٿي. تقريب ۾ بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي ججن، ماتحت عدالتن جي ججن، بلوچستان بار ڪائونسل، هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن، ڪوئيٽا بار ايسوسيئيشن جي عهديدارن سميت وڪيلن جو وڏو انگ موجود هو. تقريب ۾ بلوچستان جي گورنر شيخ جعفر خان مندوخيل، جسٽس محمد …
جسٽس محمد ڪامران خان ملاخيل، بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس جو حلف کڻي ورتو

مزید خبریں
ڪوئيٽا-17 نومبر (اي پي پي) جسٽس محمد ڪامران خان ملاخيل، بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس جو حلف کڻي ورتو. گورنر هائوس ۾ حلف برداري تقريب منعقد ٿي. تقريب ۾ بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي ججن، ماتحت عدالتن جي ججن، بلوچستان بار ڪائونسل، هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن، ڪوئيٽا بار ايسوسيئيشن جي عهديدارن سميت وڪيلن جو وڏو انگ موجود هو. تقريب ۾ بلوچستان جي گورنر شيخ جعفر خان مندوخيل، جسٽس محمد ڪامران خان ملاخيل کان بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس جي عهدي جو حلف ورتو.











