اسلام آباد -17 نومبر (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان ايم فائيو موٽر وي تي حادثي ۾ پوليس آفيسرن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وفاقي وزير ايم فائيو موٽر وي تي حادثي تي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته ڏکويل ڪٽنبن سان همدردي ۽ شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ دعاڳو آهيان. سندن شهادت تي خراج عقيدت پيش ڪيان ٿو. شهيدن فرض جي ادائگي …
وفاقي وزير عبدالعليم خان پاران ايم 5 موٽر وي حادثي ۾ پوليس آفيسرن جي شهادت تي افسوس جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد -17 نومبر (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان ايم فائيو موٽر وي تي حادثي ۾ پوليس آفيسرن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وفاقي وزير ايم فائيو موٽر وي تي حادثي تي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته ڏکويل ڪٽنبن سان همدردي ۽ شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ دعاڳو آهيان. سندن شهادت تي خراج عقيدت پيش ڪيان ٿو. شهيدن فرض جي ادائگي دوران پنهنجي حياتين جو نذرانو پيش ڪيو. وفاقي وزير چيو ته انهن بهادر آفيسرن جي قرباني کي وساري نٿو سگهجي، حادثي جي مڪمل ۽ شفاف جاچ ڪرائي ويندي.











