سام سنگ پاران 5 سالن ۾ 310 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪرڻ جو اعلان، نئين سيمي ڪنڊڪٽر فيڪٽري 2028ع ۾ فعال ٿي ويندي

سيئول - 17 نومبر(اي پي پي)ڏکڻ ڪوريا جي مشھور صنعتي گروپ سام سنگ اعلان ڪيو آھي ته ھو ايندڙ پنجن سالن ۾ 310 ارب ڊالرن جي وڏي رقم سيڙپڪاري ۾ خرچ ڪندو جنھن جو وڌيڪ حصو مصنوعي ذھانت (اي آءِ) جي جديد ٽيڪنالاجي تي خرچ ڪيو ويندو، اھو فيصلو عالمي سطح تي وڌندڙ گهرج ۽ ٽيڪنالاجي جي جدت کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آھي. پرڏيھي ميڊيا مطابق ڪمپني پنھنجي …

سيئول – 17 نومبر(اي پي پي)ڏکڻ ڪوريا جي مشھور صنعتي گروپ سام سنگ اعلان ڪيو آھي ته ھو ايندڙ پنجن سالن ۾ 310 ارب ڊالرن جي وڏي رقم سيڙپڪاري ۾ خرچ ڪندو جنھن جو وڌيڪ حصو مصنوعي ذھانت (اي آءِ) جي جديد ٽيڪنالاجي تي خرچ ڪيو ويندو، اھو فيصلو عالمي سطح تي وڌندڙ گهرج ۽ ٽيڪنالاجي جي جدت کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آھي. پرڏيھي ميڊيا مطابق ڪمپني پنھنجي بيان ۾ ٻڌايو ته ان سيڙپڪاري جي منصوبي ۾ ھڪ نئين سيمي ڪنڊڪٽر فيڪٽري جي تعمير به شامل آھي جنھن کي پيونگ ٽيڪ پلانٽ 5 جو نالو ڏنو ويو آھي، اھا فيڪٽري ميموري چپن جي وڌندڙ ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ تيار ڪئي پئي وڃي. سام سنگ مطابق مڪمل آپريشنل ٿيڻ بعد اھو پلانٽ نه رڳو عالمي سيمي ڪنڊڪٽر سپلائي چين ۾ اھم ڪردار ادا ڪندو پر ڏکڻ ڪوريا جي مقامي چپ انڊسٽري کي مضبوط بڻائڻ ۾ به مددگار ثابت ٿيندو. ڪمپني ٻڌايو ته نئين فيڪٽري جو پيداواري عمل سال 2028ع ۾ شروع ٿيڻ جي اميد آھي.

مزید خبریں