نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ايس سي او جي ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ اجلاس ۾ پاڪستان جي وفد جي قيادت ڪندو

اسلام آباد-17 نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار روس جي وزيراعظم ميخائل ميشوستن جي دعوت تي 17 کان 18 نومبر 2025ع تي ماسڪو، روس ۾ منعقد ٿيندڙ شنگھائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ (سي ايڇ جي) جي اجلاس ۾ پاڪستان جي وفد جي قيادت ڪندو. پرڏيهي آفيس پاران جاري ڪيل بيان موجب اجلاس ۾ بيلاروس، چين، قازقستان، …

اسلام آباد-17 نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار روس جي وزيراعظم ميخائل ميشوستن جي دعوت تي 17 کان 18 نومبر 2025ع تي ماسڪو، روس ۾ منعقد ٿيندڙ شنگھائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ (سي ايڇ جي) جي اجلاس ۾ پاڪستان جي وفد جي قيادت ڪندو. پرڏيهي آفيس پاران جاري ڪيل بيان موجب اجلاس ۾ بيلاروس، چين، قازقستان، ڪرغزستان، روس، تاجڪستان ۽ ازبڪستان جا حڪومتي سربراهه، ايران جو نائب صدر ۽ پاڪستان ۽ هندستان جا پرڏيهي وزير شرڪت ڪندا. ايس سي او جي ميمبر ملڪن کانسواءِ، منگوليا، بحرين، مصر، قطر، ڪويت ۽ ترڪمانستان جا حڪومتي سربراهه، جڏهن ته ڪامن ويلٿ آف انڊيپينڊنٽ اسٽيٽس (سي آءِ ايس)، يوريشين اڪنامڪ يونين (اي اي اي يو)، ڪليڪٽو سيڪيورٽي ٽريٽي آرگنائيزيشن (سي ايس ٽي او) ۽ ڊيموڪريٽڪ سوشلسٽس آف آمريڪا (ڊي ايس اي) سميت عالمي ۽ علائقائي تنظيمن جا سربراهه پُڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪندا. نائب وزيراعظم پنهنجي خطاب ۾ اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پاڪستان جو موقف پيش ڪندو ۽ ايس سي او خطي جي فائدي لاءِ تنظيم کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي طريقن تي روشني وجهندو. حڪومت جي سربراهن جي ڪائونسل، ايس سي او جو ٻيو وڏو فيصلا ڪندڙ ادارو آهي جيڪو معيشت، ناڻي، واپار، رابطن، گڏيل واپار، سماجي ۽ اقتصادي تعاون ۽ تنظيم جي بجيٽ سان لاڳاپيل معاملن تي رهنمائي فراهم ڪري ٿو. حڪومت جي سربراهن جي ڪائونسل اجلاس ۾ گڏيل پڌرنامي، بيانن ۽ اهم فيصلن جي منظوري ڏني وڃي ٿي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اجلاس جي موقعي تي ٻين ايس سي او ملڪن جي قيادت سان ٻطرفيُون ملاقاتون پڻ ڪندو.

مزید خبریں