نيويارڪ-17 نومبر(اي پي پي) آمريڪي رياست ورجينيا ۾ هڪ عورت چيٽ جي پي ٽي ذريعي پنهنجي لاٽري جي نمبر جي چونڊ ڪري لاٽري ۾ نه رڳو ڪاميابي حاصل ڪئي پر هن اها رقم عطيو به ڪري ڇڏي. آمريڪي اخبار ” نيوز ويڪ “ مطابق بيوه ڪيني ايڊورڊز، جيڪا ورجينيا ۾ رهندي آهي. هن 8 سيپٽمبر تي رٿيل قرعه اندازي ۾ هڪ لک 50 هزار ڊالرن جي انعامي رقم کٽي ورتي. …
آمريڪي عورت ” چيٽ جي پي ٽي“ جي مدد سان هڪ لک 50 هزار ڊالرن جي لاٽري کٽڻ بعد عطيو ڪري ڇڏي

مزید خبریں
نيويارڪ-17 نومبر(اي پي پي) آمريڪي رياست ورجينيا ۾ هڪ عورت چيٽ جي پي ٽي ذريعي پنهنجي لاٽري جي نمبر جي چونڊ ڪري لاٽري ۾ نه رڳو ڪاميابي حاصل ڪئي پر هن اها رقم عطيو به ڪري ڇڏي. آمريڪي اخبار ” نيوز ويڪ “ مطابق بيوه ڪيني ايڊورڊز، جيڪا ورجينيا ۾ رهندي آهي. هن 8 سيپٽمبر تي رٿيل قرعه اندازي ۾ هڪ لک 50 هزار ڊالرن جي انعامي رقم کٽي ورتي. جنهن لاٽري ۾ هن ڪاميابي حاصل ڪئي اها ” پاوربال “ جي نالي سان مشهور آهي. هڪ آمريڪي لاٽري جنهن ۾ اميدوار عام طور تي پنج نمبر چونڊ ڪندا آهن ۽ هڪ اضافي نمبر” پاور بال “ طور چونڊيو ويندو آهي. جيڪڏهن چونڊ ڪيل نمبر قرعه اندازي جي نمبر سان هڪ جهڙائي رکي ته وڏي رقم کٽيندا آهن. پنهنجي قسمت آن لائن آزمائڻ جو فيصلو ڪرڻ بعد ايڊورڊوز پنهجو نمبر چونڊڻ لاءِ چيٽ جي پي ٽي کان مدد ورتي ۽ اضافي هڪ ڊالر خرچ ڪري ” پاور پلي “ اختيار به ڪيو. جنهن سان هن جي رقم ٽيڻ تي وڌي وئي. لاٽري کٽندڙ عورت ٻڌايو ته هن چيٽ جي پي ٽي جي مدد ڪيئن حاصل ڪئي ۽ چيو ته جيتوڻيڪ هوءَ پهريان آن لائن ناهي کيڏي، ان لاءِ نمبر چونڊ ڪرڻ ۾ رهنمائي گهربل هئي.











