سڊني-17 نومبر(اي پي پي) آسٽريليا، ترڪيه جي اها آڇ رد ڪري ڇڏي آهي جنهن ۾ انقره ايندڙ سال ٿيندڙ گڏيل قومن جي موسمياتي سربراهي اجلاس(ڪوپ 31) گڏيل طور تي منعقد ڪرڻ جي تجويز ڏني هئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڪينبرا ان اجلاس جي ميزباني لاءِ آسٽريليا جي شهر ايڊيليڊ کي نامزد ڪري رهيو آهي. آسٽريلوي وزيراعظم انٿوني البانيسي چيو ته اسان گڏيل ميزباني نه ڪنداسين . سندس مطابق گڏيل قومن جي …
آسٽريليا پاران ترڪيه جي ايندڙ سال لاءِ گڏيل قومن جي موسمياتي سربراهي اجلاس جي گڏيل ميزباني ڪرڻ واري آڇ رد

مزید خبریں
سڊني-17 نومبر(اي پي پي) آسٽريليا، ترڪيه جي اها آڇ رد ڪري ڇڏي آهي جنهن ۾ انقره ايندڙ سال ٿيندڙ گڏيل قومن جي موسمياتي سربراهي اجلاس(ڪوپ 31) گڏيل طور تي منعقد ڪرڻ جي تجويز ڏني هئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڪينبرا ان اجلاس جي ميزباني لاءِ آسٽريليا جي شهر ايڊيليڊ کي نامزد ڪري رهيو آهي. آسٽريلوي وزيراعظم انٿوني البانيسي چيو ته اسان گڏيل ميزباني نه ڪنداسين . سندس مطابق گڏيل قومن جي فريم موسمياتي تبديلي بابت ڪنوينشن جي قاعدن ۾ گڏيل ميزباني جي ڪا گنجائش موجود ناهي. هن چيو ته اهو آپشن ناهي ۽ سڀ ڄاڻين ٿا ته اهو ته آپشن ناهي، انهي لاءِ اسان ان کي رد ڪيون ٿا.











