پاڪستان هم آهنگي، گڏيل احترام ۽ سمورن شهرين جي وچ ۾ پرامن گڏيل بقاءَ کي هٿي ڏيڻ تي عمل ڪري رهيو آهي: صدر آصف علي زرداري

اسلام آباد-16 نومبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان هم آهنگي، گڏيل احترام ۽ سمورن شهرين جي وچ ۾ پرامن گڏيل بقاءَ کي هٿي ڏيڻ تي عمل ڪري رهيو آهي، موجوده دور ۾ جتي دنيا پهرين کان وڌيڪ هڪٻئي سان جڙيل آهي، ڊائيلاگ، همدردي ۽ تعاون کي هٿي ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر مملڪت …

اسلام آباد-16 نومبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان هم آهنگي، گڏيل احترام ۽ سمورن شهرين جي وچ ۾ پرامن گڏيل بقاءَ کي هٿي ڏيڻ تي عمل ڪري رهيو آهي، موجوده دور ۾ جتي دنيا پهرين کان وڌيڪ هڪٻئي سان جڙيل آهي، ڊائيلاگ، همدردي ۽ تعاون کي هٿي ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر مملڪت آصف علي زرداري برداشت جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته برداشت ۽ رواداري جا اصول اسلام جي اعليٰ تعليم جو بنيادي حصو آهن، جيڪي انسانيت لاءِ رحم، عدل ۽ احترام جو درس ڏين ٿا. پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح هڪ اهڙي رياست جو تصور پيش ڪيو هو، جتي مختلف مذهبن ۽ ثقافتي پس منظر رکندڙ ماڻهو برابري، احترام ۽ هم آهنگي سان زندگي گذاري سگهن. ان ويزن کي برقرار رکڻ اسان سڀني جي گڏيل  ذميواري آهي. گڏيل قومن جو انساني حقن بابت عالمي پڌرنامي هر انسان جي بنيادي حقن کي تسليم ڪيو آهي، جنهن جي روشني ۾ سڄي دنيا جا آئين ۽ قانون جوڙيا ويا، جڏهن ته پاڪستان جي آئين ۾ به هر شهري کي مذهبي آزادي حاصل آهي. هن چيو ته پاڪستان حڪومت اهڙن عملن جي خاتمي کي پنهنجي پاليسين جو مرڪز بڻايو آهي جيڪي سماجي يا مذهبي استحصال جو سبب بڻجي سگهن ٿا. حڪومت بين المذاهب هم آهنگي پاليسي ۽ مذهبي رواداري جي حڪمت عملي تي عمل ڪري رهي آهي، جنهن جي باضابطه منظوري وفاقي ڪابينا ڏئي چڪي آهي. هن چيو ته اقليتن جي حقن جي تحفظ لاءِ پارليامينٽ نيشنل ڪميشن فار مينارٽيز رائيٽس بل 2025ع منظور ڪيو آهي، جڏهن ته سينيٽ ۾ مينارٽيز ڪاڪس جي قيام سان اقليتن جي آئيني حقن، رواداري کي هٿي وٺرائڻ ۽ لاڳاپيل قانونن تي عملدرآمد کي وڌيڪ مضبوط بڻايو ويو آهي. هن سڀني شهرين، خاص ڪري نوجوانن تي زور ڀريو ته هو هر قسم جي تعصب، اڻبرابري ۽ نفرت خلاف آواز اٿارين. هن عالم سڳورن، اقليتي اڳواڻن ۽ ميڊيا کي به اپيل ڪئي آهي ته هو محبت، رواداري، ڀائيچاري ۽ اتحاد جي پيغام کي عام ڪن ته جيئن پاڪستان کي هڪ اهڙو ملڪ بڻائي سگهجي جتي سماجي هم آهنگي ۽ اتحاد قومي سڃاڻپ بڻجي وڃي. هن الله تعاليٰ کان دعا ڪئي آهي ته پاڪستان جي شهرين کي برداشت، شفقت ۽ انسانيت جي قدرن کي مضبوط بڻائڻ جي توفيق عطا فرمائي ته جيئن ملڪ کي وڌيڪ پرامن ۽ خوشحال مستقبل طرف وٺي وڃي سگهجي.

مزید خبریں