معاشري ۾ برداشت، احترام ۽ هم آهنگي کي هٿي وٺائڻ وقت جي ضرورت آهي: سينيٽر روبينه خالد

اسلام آباد- 16 نومبر (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد چيو آهي ته معاشري ۾ برداشت، احترام ۽ هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، عدم برداشت معاشري کي ڪمزور ڪري ٿو، رواداري مضبوط معاشرو جوڙي ٿي. برداشت ۽ رواداري جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ سينيٽر روبينه خالد چيو ته بي آءِ ايس پي هميشه ڪمزور …

اسلام آباد- 16 نومبر (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد چيو آهي ته معاشري ۾ برداشت، احترام ۽ هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، عدم برداشت معاشري کي ڪمزور ڪري ٿو، رواداري مضبوط معاشرو جوڙي ٿي. برداشت ۽ رواداري جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ سينيٽر روبينه خالد چيو ته بي آءِ ايس پي هميشه ڪمزور طبقن سان گڏ آهي، بي آءِ ايس پي جو مقصد صرف مالي مدد ناهي پر سماجي هم آهنگي کي هٿي وٺرائڻ به آهي. هن چيو ته برداشت، هم آهنگي ۽ احترام تي ٻڌل معاشرو اسان جي ترجيح آهي، عدم برداشت معاشرتي ترقي جي راهه ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ آهي، برداشت جو عالمي ڏينهن اسان کي نفرت، تقسيم ۽ شدت پسندي جي خاتمي جو پيغام ڏئي ٿو. هن چيو ته اختلاف راءِ کي برداشت ڪرڻ جمهوري قدرن جي مضبوطي جي علامت آهي، قومي يڪجهتي لاءِ برداشت ۽ رواداري کي هٿي وٺرائڻ اڻٽر آهي.

مزید خبریں