وينزويلا ويجهو آمريڪي ڪارروائي علائقائي استحڪام لاءِ خطرو آهي: ايران

تهران- 16 نومبر (اي پي پي) ايران خبردار ڪيو آهي ته وينزويلا ويجهو آمريڪي ڪارروائي علائقائي استحڪام لاءِ خطرو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو آهي ته ڪيريبين ۽ لاطيني آمريڪا ۾ آمريڪي فوجي سرگرمين ۾ اضافي جا سنگين ۽ غير مستحڪم نتيجا سامهون اچي سگهن ٿا، جيڪي عالمي امن کي متاثر ڪري سگهن ٿا. ترجمان وينزويلا جي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جي …

تهران- 16 نومبر (اي پي پي) ايران خبردار ڪيو آهي ته وينزويلا ويجهو آمريڪي ڪارروائي علائقائي استحڪام لاءِ خطرو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو آهي ته ڪيريبين ۽ لاطيني آمريڪا ۾ آمريڪي فوجي سرگرمين ۾ اضافي جا سنگين ۽ غير مستحڪم نتيجا سامهون اچي سگهن ٿا، جيڪي عالمي امن کي متاثر ڪري سگهن ٿا. ترجمان وينزويلا جي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جي احترام تي زور ڏيندي چيو ته آمريڪي قدم خطي جي حالتن کي وڌيڪ خراب ڪري سگهن ٿا. واضع رهي ته ٻه ڏينهن ا ڳ آمريڪا جي دفاع واري وزير پيٽ هيگسٿ ”سدرن اسپيئر“ نالي سان هڪ ڪائونٽر نارڪوٽڪس فوجي آپريشن جو اعلان ڪيو هو. اسماعيل بقائي موجب وينزويلا جي حڪومت خلاف آمريڪي طاقت جي استعمال جون ڌمڪيون کليل قانوني خلاف ورزي ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي ڀڃڪڙي آهن. ايراني ترجمان چيو ته آمريڪا اسمگلنگ جو بهانو ڪري وينزويلا جي خودمختياري تي حملو ڪري رهيو آهي. گڏيل قومن کي گهرجي ته ان کي اهڙن قدمن کان روڪي جيڪي عالمي امن کي نقصان پهچائڻ ۽ جارحاڻين هڪ طرفي پاليسين جي حوصلا افزائي ڪن ٿا.

مزید خبریں