وزيراعظم پاران قومي ڪرڪيٽ ٽيم کي سريلنڪا خلاف ون ڊي سيريز جي ڪاميابي تي مبارڪون

اسلام آباد - 15 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز قومي ڪرڪيٽ ٽيم کي سريلنڪا خلاف ون ڊي سيريز ۾ ڪاميابي تي مبارڪون ڏنيون آهن. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي قومي ڪرڪيٽ ٽيم سريلنڪا خلاف ون ڊي سيريز کٽي ملڪ جو نالو روشن ڪيو آهي، ان شاندار ڪاميابي تي قومي ٽيم کي دلي مبارڪون پيش ڪيان ٿو. وزيراعظم، پي …

اسلام آباد – 15 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز قومي ڪرڪيٽ ٽيم کي سريلنڪا خلاف ون ڊي سيريز ۾ ڪاميابي تي مبارڪون ڏنيون آهن. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي قومي ڪرڪيٽ ٽيم سريلنڪا خلاف ون ڊي سيريز کٽي ملڪ جو نالو روشن ڪيو آهي، ان شاندار ڪاميابي تي قومي ٽيم کي دلي مبارڪون پيش ڪيان ٿو. وزيراعظم، پي سي بي چيئرمين محسن نقوي ۽ سندس پوري ٽيم جي محنت ۽ بهترين ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو ته ڪرڪيٽ هڪ ڀيرو ٻيهر اتحاد ۽ يڪجهتي جو خوبصورت مثال پيش ڪيو آهي. وزيراعظم سريلنڪن رانديگرن ۽ انتظاميه جو به ٿورو مڃيو جن جي شرڪت ٻنهي ملڪن وچ ۾ پراڻن، مضبوط ۽ دوستي وارن لاڳاپن جي عڪاسي آهي.

مزید خبریں