ڊائريڪٽر جنرل آءِ ايس پي آر پاران دي ملينيم يونيورسل ڪاليج ۽ فيوچر ورلڊ اسڪول ۾ شاگردن ۽ استادن سان خاص ويهڪ

اسلام آباد -15 نومبر (اي پي پي) ڊي جي آءِ ايس پي آر جي دي ملينيم يونيورسل ڪاليج ۽ فيوچر ورلڊ اسڪول ۾ شاگردن ۽ استادن سان خاص ويهڪ منعقد ڪئي وئي. تفصيل موجب ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف اندروني صورتحال ۽ ملڪي دفاع  جي اهميت تي نوجوانن سان اهم ڳالهيون ڪيون. ويهڪ دوران شاگردن ۽ استادن پاڪ فوج کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو. …

اسلام آباد -15 نومبر (اي پي پي) ڊي جي آءِ ايس پي آر جي دي ملينيم يونيورسل ڪاليج ۽ فيوچر ورلڊ اسڪول ۾ شاگردن ۽ استادن سان خاص ويهڪ منعقد ڪئي وئي. تفصيل موجب ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف اندروني صورتحال ۽ ملڪي دفاع  جي اهميت تي نوجوانن سان اهم ڳالهيون ڪيون. ويهڪ دوران شاگردن ۽ استادن پاڪ فوج کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو. ان موقعي تي استادن خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪ فوج خودمختياري ۽ قومي سلامتي جي تحفظ سان گڏوگڏ عوام جي حفاظت پڻ ڪري ٿي. اڄوڪي ويهڪ شاگردن کي روائتي سوچ کان هٽي غور فڪر جو موقعو پڻ ڏنو آهي. ويهڪ دوران نوجوانن کي پاڪستانيت، فعال شهريت ۽ سماجي ذميوارين جي حقيقي تصور کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. شاگردن جو چوڻ هو ته معرڪه حق ۾ پاڪ فوج جي ڪردار نوجوانن ۾  پاڪستان جي  دفاع جو عزم وڌايو آهي. شاگردن چيو ته اڄوڪي ويهڪ مان اهو احساس ٿيو آهي، ته ميڊيا تي خبرن کي تجزئي ۽ تصديق کان سواءِ ڦهلائڻ غير ذميواري وارو عمل آهي. پاڪ فوج اسان سان ۽ اسان پاڪ فوج سان آهيون.

مزید خبریں