اسلام آباد -15 نومبر (اي پي پي) مواصلات بابت وفاقي وزير عبدالعليم خان نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي تنظيمي ڍانچي جي نئين سر جوڙجڪ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن تحت پنجاب ريجن ۾ انتظامي تبديليون آڻيندي ان کي چئن زونز، ڏکڻ پنجاب، اتر پنجاب، مرڪزي پنجاب ۽ هڪ ڌار لاهور ريجن ۾ ورهايو ويندو. هڪ مليل پريس پڌرائي موجب وفاقي وزير جي صدارت هيٺ اين ايڇ اي پنجاب ۽ بلوچستان …
مواصلات بابت وفاقي وزير جي صدارت هيٺ اين ايڇ اي پنجاب ۽ بلوچستان جي معاملن جو جائزه اجلاس منعقد

مزید خبریں
اسلام آباد -15 نومبر (اي پي پي) مواصلات بابت وفاقي وزير عبدالعليم خان نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي تنظيمي ڍانچي جي نئين سر جوڙجڪ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن تحت پنجاب ريجن ۾ انتظامي تبديليون آڻيندي ان کي چئن زونز، ڏکڻ پنجاب، اتر پنجاب، مرڪزي پنجاب ۽ هڪ ڌار لاهور ريجن ۾ ورهايو ويندو. هڪ مليل پريس پڌرائي موجب وفاقي وزير جي صدارت هيٺ اين ايڇ اي پنجاب ۽ بلوچستان جي معاملن جو جائزه اجلاس منعقد ٿيو. ان موقعي تي هن چيو ته اين ايڇ اي جي نئين ڍانچي تحت سڄي ملڪ ۾ نوان ميمبر مقرر ڪيا ويندا ته جيئن نگراني کي اثرائتو بڻايو وڃي ۽ عملي ڪارڪردگي ۾ بهتري آڻي سگهجي. وفاقي وزير کي موٽر وي ايم-5 جي بحالي تي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته جلال پور پير والا سيڪشن (هڪ طرف) جي مڪمل بحالي 30 نومبر تائين ڪئي ويندي. اجلاس ۾ اين ايڇ اي جي بلوچستان جي ميمبر صوبي جي وسيع ترين شاهراهي نيٽ ورڪ ۽ جاري منصوبن تي تفصيلي بريفنگ ڏني. وفاقي وزير هدايت ڪئي ته گذريل هڪ سال دوران ٿيل ڪنهن به مالي نقصان جو جائزو ورتو وڃي، ۽ سمورن ريجنز ۾ احتساب کي يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته سڄي ملڪ ۾ نون ٽول پلازن جي ڊزائن کي هڪجهڙو رکيوو ڃي ۽ انهن کي رڳو انهن هنڌن تي تعمير ڪيو وڃي جتي ٽريفڪ جي وهڪري مان مناسب امدني جو جواز موجود هجي. هن مواصلات واري سيڪريٽري کي موثر مانيٽرنگ لاءِ هفتيوار فيلڊ جي دورن جي هدايت به ڪئي. معيار ۽ هڪجهڙائي تي زور ڀريندي وفاقي وزير چيو ته هو اين ايڇ اي ۾ يونيفارم اسٽينڊرڊ لاڳو ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي ۽ اسلام آباد مري ايڪسپريس وي تي جاري ڪم کي مستقبل جي منصوبن لاءِ هڪ ماڊل قرار ڏنو. هن چيو ته آمدني محنت طلب ڪم آهي، پر خرچ جلدي ٿي ويندو آهي. ان لاءِ خرچ تي سخت نگراني اڻٽر آهي. هن چيو ته اجلاس ۾ مواصلات واري سيڪريٽري ۽ پنجاب ۽ بلوچستان ريجن جي ميمبرن شرڪت ڪئي.











