گڏيل قومن جي نئين قيادت جي چونڊ جي تياري، سلامتي ڪائونسل ۾  سالياني ويهڪ، پاڪستان پاران شفاف ۽ جامع عمل جي تاڪيد

گڏيل قومون -15 نومبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل سالياني بحث ۾ اداري جي طريقيڪار، خاص ڪري 2026ع ۾ نئين سيڪريٽري جنرل جي چونڊ جي عمل تي غور ويچار ڪيو. اجلاس ۾ پاڪستان سلامتي ڪائونسل جي 10 چونڊيل غير مستقل ميمبرن جي نمائندگي ڪندي چونڊ عمل ۾ شفافيت، اڳڀرائي ۽ جامعيت وڌائڻ تي زور ڀريو. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائنده سفير عاصم افتخار احمد الجزائر، …

گڏيل قومون -15 نومبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل سالياني بحث ۾ اداري جي طريقيڪار، خاص ڪري 2026ع ۾ نئين سيڪريٽري جنرل جي چونڊ جي عمل تي غور ويچار ڪيو. اجلاس ۾ پاڪستان سلامتي ڪائونسل جي 10 چونڊيل غير مستقل ميمبرن جي نمائندگي ڪندي چونڊ عمل ۾ شفافيت، اڳڀرائي ۽ جامعيت وڌائڻ تي زور ڀريو. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائنده سفير عاصم افتخار احمد الجزائر، ڊنمارڪ، يونان، گيانا، پاناما، سيراليون، صوماليه، سلووينيا ۽ ڏکڻ ڪوريا طرفان گڏيل بيان پيش ڪندي چيو ته اي-10  ايندڙ سيڪريٽري جنرل جي چونڊ ۾ فعال ۽ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ جا خواهشمند آهن. هن زور ڀريو ته اميدوارن سان هاڪاري رابطي ۽ ڊگهي ميمبرشپ کي مسلسل صورتحال کان آگاهه رکڻ ضروري آهي. موجوده سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش جو مدو مڪمل ٿيڻ کان پوءِ نئين مقرري پهرين جنوري 2027ع کان هوندي. جڏهن ته مختلف حڪومتون جلد ئي پنهنجا اميدوار نامزد ڪرڻ لاءِ خط جمع ڪرائڻ شروع ڪنديون.

مزید خبریں