واشنگٽن -15 نومبر (اي پي پي) آمريڪا، روس ۽ چين سان ايٽمي هٿيارن ۾ گهٽتائي تي ڳالهين جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي، ته هو روس ۽ چين سان هڪ گڏيل اجلاس ذريعي ايٽمي هٿيارن ۾ گهٽتائي تي ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿو. ايئر فورس ون ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته منهنجي خواهش آهي ته ڊي نيوڪليرائيزيشن ٿئي. اسان 3 وڏين ايٽمي …
آمريڪا پاران روس ۽ چين سان ايٽمي هٿيارن ۾ گهٽتائي تي ڳالهين جو اشارو

مزید خبریں
واشنگٽن -15 نومبر (اي پي پي) آمريڪا، روس ۽ چين سان ايٽمي هٿيارن ۾ گهٽتائي تي ڳالهين جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي، ته هو روس ۽ چين سان هڪ گڏيل اجلاس ذريعي ايٽمي هٿيارن ۾ گهٽتائي تي ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿو. ايئر فورس ون ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته منهنجي خواهش آهي ته ڊي نيوڪليرائيزيشن ٿئي. اسان 3 وڏين ايٽمي طاقتن جو هڪ اجلاس گهرايون ته جيئن ايٽمي هٿيارن م گهٽتائي ڪري سگهجي. ٽرمپ مطابق آمريڪا وٽ دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ايٽمي هٿيار آهن. هن چيو ته روس ٻي نمبر تي آهي ۽ چين ته ڪافي پوئتي آهي پر 4 کان 5 سالن ۾ هو اسان جي برابر اچي ويندو.











