اسلام آباد -15 نومبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي ماتحت اداري يونيسيف خبردار ڪيو آهي، ته طالبان رجيم ۾ ٻارن ۾ غذائي کوٽ انساني الميي کي جنم ڏئي سگهي ٿي. تفصيل موجب يونيسيف پنهنجي تازي رپورٽ ۾ خبردار ڪيو آهي، ته افغان طالبان جي اقتدار هيٺ افغانستان ۾ معاشي بحران شدت اختيار ڪري ويو آهي. نااهل طالبان رجيم ۾ ٻارن ۾ غذائي کوٽ الميو بڻجي وئي آهي. افغانستان ۾ …
افغان طالبان رجيم ۾ ٻارن ۾ غذائي کوٽ الميو بڻجي وئي آهي: يونيسيف
اسلام آباد -15 نومبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي ماتحت اداري يونيسيف خبردار ڪيو آهي، ته طالبان رجيم ۾ ٻارن ۾ غذائي کوٽ انساني الميي کي جنم ڏئي سگهي ٿي. تفصيل موجب يونيسيف پنهنجي تازي رپورٽ ۾ خبردار ڪيو آهي، ته افغان طالبان جي اقتدار هيٺ افغانستان ۾ معاشي بحران شدت اختيار ڪري ويو آهي. نااهل طالبان رجيم ۾ ٻارن ۾ غذائي کوٽ الميو بڻجي وئي آهي. افغانستان ۾ خوراڪ تائين محدود رسائي افغان ٻارن ۾ غذائي بحران جو خطرو وڌائي ڇڏيو آهي. افغانستان ۾ 2 سالن کان گهٽ عمر جا اٽڪل 90 سيڪڙو ٻار غذائي کوٽ ۾ زندگي گذاري رهيا آهن. 2025ع ۾ 3.5 ملين ٻار غذا جي کوٽ جو شڪار بڻيا. يونيسيف افغانستان ۾ ٻارن ۾ غذائي کوٽ کي ڳڻتي جوڳو قرار ڏنو آهي. رپورٽ موجب افغان طالبان رجيم کي خطي ۾ دهشتگردي ڦهلائڻ تي وسيلا خرچ ڪرڻ بدران معصوم زندگين کي بچائڻ لاءِ سنجيدگي سان غور ڪرڻ گهرجي.











