اسلام آباد – 14 نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ اعليٰ سطحي بين الوزارتي اجلاس ٿيو جنهن ۾ آذربائيجان سميت دوست ملڪن سان سيڙپڪاري جي قدمن ۽ مختلف منصوباجاتي تجويزن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، پرڏيهي وزارت، واپار، مواصلات ۽ انساني وسيلن جي ايڊيشنل سيڪريٽرين، …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ اعليٰ سطحي بين الوزارتي اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد – 14 نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ اعليٰ سطحي بين الوزارتي اجلاس ٿيو جنهن ۾ آذربائيجان سميت دوست ملڪن سان سيڙپڪاري جي قدمن ۽ مختلف منصوباجاتي تجويزن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، پرڏيهي وزارت، واپار، مواصلات ۽ انساني وسيلن جي ايڊيشنل سيڪريٽرين، آذربائيجان ۾ پاڪستان جي سفير ۽ لاڳاپيل وزارتن جي سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران انفراسٽرڪچر، توانائي، پيٽروليم، واپار ۽ آءِ ٽي سروسز جي شعبن ۾ غيرملڪي سيڙپڪاري تي تفصيلي غور فڪر ڪيو ويو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان جي آذربائيجان سميت دوست ملڪن سان اقتصادي ۽ سيڙپڪاري تي ٻڌل لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي ۽ انهن قدمن کي پائيدار ترقي ۽ خوشحالي ۾ بدلائڻ جي لاءِ پرعزم آهيون.











