راولپنڊي-14 نومبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي چيف آف جنرل اسٽاف (سي جي ايس) ليفٽيننٽ جنرل سيد عامر رضا رياض ۾ چيف آف جنرل اسٽاف رائل سعودي آرمڊ فورسز جنرل فياض بن حميد الرويلي سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران گڏيل اسٽريٽجڪ دلچسپي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي جنهن ۾ ٻه طرفي دفاعي تعاون کي مضبوط بڻائڻ، گڏيل آپريشنل هم آهنگيءَ ۾ بهتري ۽ اسٽريٽجڪ ميوچوئل ڊفينس ايگريمينت تحت …
پاڪ فوج جي چيف آف جنرل اسٽاف ليفٽيننٽ جنرل سيد عامر رضا جي رياض ۾ چيف آف جنرل اسٽاف رائل سعودي آرمڊ فورسز جنرل فياض بن حميد الرويلي سان ملاقات

مزید خبریں
راولپنڊي-14 نومبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي چيف آف جنرل اسٽاف (سي جي ايس) ليفٽيننٽ جنرل سيد عامر رضا رياض ۾ چيف آف جنرل اسٽاف رائل سعودي آرمڊ فورسز جنرل فياض بن حميد الرويلي سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران گڏيل اسٽريٽجڪ دلچسپي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي جنهن ۾ ٻه طرفي دفاعي تعاون کي مضبوط بڻائڻ، گڏيل آپريشنل هم آهنگيءَ ۾ بهتري ۽ اسٽريٽجڪ ميوچوئل ڊفينس ايگريمينت تحت تعاون کي اڳتي وڌائڻ تي خاص ڌيان ڏنو ويو. آءِ ايس پي آر پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن طرفان پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ پُراڻن ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي عزم کي ورجايو ويو جيڪي علائقائي امن استحڪام ۽ پاڻ تي ڀاڙڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. پاڪستان سعودي عرب ٻه طرفي دفاعي صنعتي فورم جو هڪ خصوصي اجلاس به رياض ۾ ٿيو جنهن ۾ پاڪستان جي ٽنهي فوجن جي وفدن جي قيادت پاڪ فوج جي سي جي ايس ليفٽيننٽ جنرل سيد عامر رضا، جڏهن ته سعودي عرب جي وفد جي سربراهي ايگزيڪيوٽو معاملن بابت بچاءَ واري وزير خالد البياري ڪئي. ٻه طرفي اجلاس دوران ٻنهي ملڪن جاري دفاعي تعاون جي منصوبن جي اڳڀرائيءَ جو جائزو ورتو ۽ اُڀرندڙ ٽيڪنالاجيز ۾ گڏيل منصوبن جي نَون امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جيڪي سعودي عرب جي ويزن 2030ع موجب آهن. چيف آف جنرل اسٽاف رائل سعودي ڊفينس فورسز جي صلاحيت ۾ واڌ لاءِ پاڪستان جي مسلسل حمايت کي ورجايو. سعودي قيادت دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي قربانين ڪاميابين ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ ان جي اهم ڪردار کي ساراهيو.











