27هين آئيني ترميم جمهوري ادارن کي مضبوط بڻائڻ ۽ رياستي ڍانچي ۾ شفافيت وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي: ڊپٽي چيئرمين سيدال خان

اسلام آباد-14 نومبر (اي پي پي) سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان 27هين آئيني ترميم جي منظوريءَ کي سياسي استحڪام ۽ پارلياماني بالادستيءَ طرف هڪ اهم اڳڀرائي قرار ڏيندي چيو آهي ته ترميم جمهوري ادارن کي مضبوط بڻائڻ ۽ رياستي ڍانچي ۾ شفافيت وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب ڊپٽي چيئرمين سان مختلف اهم وفدن پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي، جن ۾ سينيٽ جي ميمبرن، …

اسلام آباد-14 نومبر (اي پي پي) سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان 27هين آئيني ترميم جي منظوريءَ کي سياسي استحڪام ۽ پارلياماني بالادستيءَ طرف هڪ اهم اڳڀرائي قرار ڏيندي چيو آهي ته ترميم جمهوري ادارن کي مضبوط بڻائڻ ۽ رياستي ڍانچي ۾ شفافيت وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب ڊپٽي چيئرمين سان مختلف اهم وفدن پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي، جن ۾ سينيٽ جي ميمبرن، ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر پمز، پمز جي بورڊ جا ميمبر، سينيئر پارليامينٽيرينز، اڳوڻا سينيٽر، قبائلي اڳواڻ، شاگرد، وڪيل ۽ سول سوسائٽيءَ جي نمائندا شامل هئا. ملاقات ۾ ملڪي سياسي سماجي ۽ معاشي صورتحال، پارلياماني ڪردار، قومي ترقيءَ جي هدفن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين ان موقعي تي چيو ته ملڪ کي درپيش چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ لاءِ پارليامينٽ ۾ مؤثر ۽ جامع قانونسازي جو عمل جاري آهي. هن زور ڀريو ته عوامي فلاح، اداره جاتي سڌارا، قومي وسيلن جو شفاف استعمال ۽ پاڪستان جي عالمي وقار ۾ واڌ لاءِ سمورن لاڳاپيل ادارن کي متحد ٿي ڪم ڪرڻ گهرجي. سيدال خان، وزيراعظم محمد شهباز شريف جي انتظامي صلاحيتن ۽ ملڪ کي معاشي استحڪام طرف گامزن ڪرڻ لاءِ سندس ڪوششن کي خراجِ تحسين پيش ڪيو. هن چيو ته وزيراعظم جي متحرڪ قيادت ۾ معاشي اهڃاڻن ۾ بهتري، ترقياتي منصوبن ۾ تيزي ۽ ملڪي ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ واڌ ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي. توانائي، گورننس ۽ ڪفايت شعاري جي شعبن ۾ حڪومتي سڌارا عوامي رليف جي شڪل ۾ ظاهر ٿي رهيا آهن. هن چيو ته 27هين آئيني ترميم جي منظوريءَ کي سياسي استحڪام ۽ پارلياماني بالادستيءَ طرف اهم اڳڀرائي آهي. هن چيو ته هيءَ ترميم جمهوري ادارن کي مضبوط بڻائڻ ۽ رياستي ڍانچي ۾ شفافيت وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي ۽ پاڪستان جي قدرتي دولت، زرعي صلاحيتن، چئن موسمن جي نعمت ۽ نوجوان آباديءَ کي ملڪ جي ترقيءَ جو بهترين اثاثو قرار ڏيندي چيو ته قومي ترقيءَ لاءِ سڀني طبقن کي متحد ٿي ڪم ڪرڻو پوندو.

مزید خبریں