اسلام آباد-14 نومبر (اي پي پي) بلوم برگ چيو آهي ته پاڪستان جي ڪريڊٽ ريٽنگ ۾ بهتري ۽ حڪومت طرفان عالمي ڪيپيٽل مارڪيٽن ۾ ٻيهر داخل ٿيڻ جي منصوبن سان سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ واڌ ٿي رهي آهي ۽ ان جي نتيجي ۾ پاڪستان جي ڊالر بانڊز ۾ واڌ جو رجحان جاري رهڻ جو امڪان آهي اها ڳالهه عالمي اداري بلوم برگ پنهنجي هاڻوڪي رپورٽ ۾ چئي. رپورٽ ۾ ٻُڌايو …
ڪريڊٽ ريٽنگ ۾ بهتري ۽ عالمي ڪيپيٽل مارڪيٽن ۾ ٻيهر داخل ٿيڻ جي منصوبن سان سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ واڌ ٿي رهي آهي، پاڪستان جي ڊالر بانڊز ۾ واڌ جو رجحان جاري رهڻ جو امڪان آهي: بلوم برگ

مزید خبریں
اسلام آباد-14 نومبر (اي پي پي) بلوم برگ چيو آهي ته پاڪستان جي ڪريڊٽ ريٽنگ ۾ بهتري ۽ حڪومت طرفان عالمي ڪيپيٽل مارڪيٽن ۾ ٻيهر داخل ٿيڻ جي منصوبن سان سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ واڌ ٿي رهي آهي ۽ ان جي نتيجي ۾ پاڪستان جي ڊالر بانڊز ۾ واڌ جو رجحان جاري رهڻ جو امڪان آهي اها ڳالهه عالمي اداري بلوم برگ پنهنجي هاڻوڪي رپورٽ ۾ چئي. رپورٽ ۾ ٻُڌايو ويو ته پاڪستان هلندڙ سال جي آخر ۾ چيني ڪرنسي يوآن ۾ بانڊز جاري ڪرڻ ۽ 2026ع ۾ تقريبن 5 سالن کانپوءِ پهريون ڀيرو يورو بانڊ مارڪيٽ ۾ آڻڻ جو ارادو رکي ٿو. گولڊ مين ساڪس ايسيٽ مئنجمينٽ ۽ يو بي ايس ايسيٽ مئنجمينٽ موجب هي پاڪستان لاءِ هڪ اهم موڙ آهي جو ٻه سال اڳ ڊيفالٽ جي ويجهو پهچي ويو هو. رپورٽ موجب عالمي ڪيپيٽل مارڪيٽس ۾ واپسيءَ جي حوالي سان پاڪستان جي ڪوششن مان واضح ٿي رهيو آهي ته هو پنهنجي مالي ذريعن ۾ جدت پيدا ڪرڻ ۽ عالمي مالياتي فنڊ تي گهٽ ڀاڙڻ جي راهه تي آهي. پاڪستان جي ڊالر بانڊز ان سال هن وقت تائين 24.5 سيڪڙو منافعو ڏنو آهي جيڪو ايشيا ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي. ڊانسڪ بئنڪ ايسيٽ مئنجمينٽ جنهن ٻه سال اڳ ملڪ جي معاشي بحران جي عروج ۾ پاڪستان جا ڊالر بانڊز خريد ڪيا هئا، ان سال ڪيترائي ڀيرا پنهنجي هولڊنگز ۾ واڌ ڪئي آهي. هيڊ آف ايمرجنگ مارڪيٽس ڊيٽ سورن مورڪ ٻُڌايو ته اسان پُراميد آهيون ته پاڪستان سڌارن جي راهه تي گامزن رهندي پنهنجي مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ واڌ لاءِ قدمن سان گڏوگڏ عالمي ڪيپيٽل مارڪيٽس تائين رسائي حاصل ڪندو ۽ ان مان فائدو کڻندو. رپورٽ ۾ ٻُڌايو ويو ته ڪريڊٽ ريٽنگ جون 3 عالمي ايجنسيون پاڪستان جي ڪريڊٽ ريٽنگ بهتر ڪري چڪيون آهن، ان سان گڏوگڏ حڪومت ٽيڪس جي دائره ڪار ۽ تعميلي قدمن ۾ واڌ لاءِ قدم به کنيا آهن. يو بي ايس، ايسيٽ مئنجمينٽ ۾ فڪسڊ انڪم ايمرجنگ مارڪيٽس ۽ ايشيا پيسيفڪ جي سربراهه شمائله خان ٻُڌايو ته آءِ ايم ايف پروگرام تحت قدم ۽ پاليسين تي عملدرآمد سان بهتري ڪارڪردگي برقرار رهندي. هن ٻُڌايو ته پاڪستان لاءِ مارڪيٽ تائين رسائيءَ جو امڪاني طور کُلي وڃڻ به هڪ مثبت علامت آهي جڏهن ته سندس چوڻ هو ته توانائي جي قيمتن ۾ واڌ سان ماليات تي دٻاءُ اچي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته تيل ملڪ جي مجموعي آمدني واپار جو تقريبن 30 سيڪڙو آهي ٻي طرف ناڻي واري وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد ٻُڌايو ته پاڪستان 5 سالن جي وقفي کان پوءِ ڊالر بانڊز ذريعي فنڊز حاصل ڪرڻ جو منصوبو رکي ٿو. هن ٻُڌايو ته ايندڙ سال يورو بانڊز مارڪيٽ مان فائدو حاصل ڪرڻ جو ارادو آهي.











