اسلام آباد – 14 نومبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان تاجڪستان جي دفاع واري وزير ڪرنل سوبر زوده امام علي عبدالرحيم ملاقات ڪئي ۽ ٻطرفي لاڳاپن، دفاعي تعاون، علائقائي سلامتي ۽ واپار ۽ توانائي جي شعبن ۾ گڏيل حصيداري جي فروغ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ تاجڪستان جو سفير شريف زوده يوسف طاهر، ڪرنل …
صدر آصف علي زرداري سان تاجڪستان جي دفاع واري وزير ڪرنل سوبر زوده امام علي عبدالرحيم جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد – 14 نومبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان تاجڪستان جي دفاع واري وزير ڪرنل سوبر زوده امام علي عبدالرحيم ملاقات ڪئي ۽ ٻطرفي لاڳاپن، دفاعي تعاون، علائقائي سلامتي ۽ واپار ۽ توانائي جي شعبن ۾ گڏيل حصيداري جي فروغ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ تاجڪستان جو سفير شريف زوده يوسف طاهر، ڪرنل رسول زوده ڪريم عبدالرسول، ميجر جنرل حڪيم زوده ظريف يونس ۽ ميجر جنرل امون الله زوده امين جان امون الله پڻ موجود هئا. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان تاجڪستان سان پنهنجي گهڻ رخي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو جيڪي گڏيل تاريخ، ثقافت ۽ لساني ورثي تي ٻڌل آهن. هن چيو ته ٻنهي ملڪن کي سياسي، ثقافتي ۽ عوامي سطح تي رابطا وڌيڪ وڌائڻ گهرجن. هن چيو ته تاجڪستان وچ ايشيا جي دل تائين پهچ جو اهم رستو آهي جڏهن ته پاڪستان تاجڪستان جي لاءِ عالمي پاڻي رستن تائين پهچ جو ذريعو آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ٻئي ملڪ خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ ۾ موثر ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. هن توانائي، واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ تعاون جي وسيع امڪانن جو ذڪر ڪندي ڪاسا – 1000 منصوبي جي وقت سر تڪميل جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن دفاعي شعبي ۾ وڌندڙ تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته ٻنهي ملڪن جي فوجن جي وچ ۾ گڏيل رابطن ۽ مشق دوستي – II جو ڪامياب انعقاد ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن جي مضبوطي جو ثبوت آهي. تاجڪستان جي دفاع واري وزير پاڪستان سان مختلف شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌيڪ وڌائڻ ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي سينيٽر شيري رحمان ۽ سينيٽر سليم مانڊوي والا پڻ موجود هئا.











