وفاقي حڪومت پاران صحافين ۽ ميڊيا پروفيشنلز جي تحفظ لاءِ خودمختيار ڪميشن قائم

اسلام آباد – 14 نومبر (اي پي پي) وفاقي حڪومت صحافين ۽ ميڊيا پروفيشنلز جي تحفظ جي ايڪٽ 2021ع جي شق 11 تحت صحافين ۽ ميڊيا پروفيشنلز جي تحفظ جي لاءِ هڪ خودمختيار ڪميشن قائم ڪري ڇڏي آهي. اها ڪميشن قانون تحت مقرر ڪيل اختيار استعمال ڪندي ۽ ڏنل فرض سرانجام ڏيندي. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پاران جاري نوٽيفڪيشن موجب ڪميشن جي ميمبرن ۾ پي آءِ او/ اي ڊي …

اسلام آباد – 14 نومبر (اي پي پي) وفاقي حڪومت صحافين ۽ ميڊيا پروفيشنلز جي تحفظ جي ايڪٽ 2021ع جي شق 11 تحت صحافين ۽ ميڊيا پروفيشنلز جي تحفظ جي لاءِ هڪ خودمختيار ڪميشن قائم ڪري ڇڏي آهي. اها ڪميشن قانون تحت مقرر ڪيل اختيار استعمال ڪندي ۽ ڏنل فرض سرانجام ڏيندي. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پاران جاري نوٽيفڪيشن موجب ڪميشن جي ميمبرن ۾ پي آءِ او/ اي ڊي جي (ايڪس آفيشيو) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت، ڊائريڪٽر جنرل ايڇ آر (ايڪس آفيشيو) انساني حقن واري وزارت، پريس ايسوسيئيشن آف سپريم ڪورٽ جو غلام نبي يوسفزئي، نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد مان نيئر علي، پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن آف پاڪستان مان نويد اڪبر چوڌري، پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس (برنا) مان افضل بٽ، پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس (برنا عظيم گروپ) مان حسن عباس، پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس (دستور) مان محمد نواز رضا، ڪراچي يونين آف جرنلسٽس  مان طاهر حسن خان، پنجاب يونين آف جرنلسٽس مان تمثيله چشتي، خيبر يونين آف جرنلسٽس مان ناديه صبوحي ۽ بلوچستان يونين آف جرنلسٽس مان خليل احمد شامل آهن.

مزید خبریں