اسلام آباد-14 نومبر (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري چيو آهي ته وفاقي ڪابينه پاڪستان ۽ عمان وچ ۾ مسافرن ۽ ڪارگو جي اچ وڃ لاءِ گوادر ۽ عمان فيري سروس جي شروعات جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جيڪا خطي ۾ سامونڊي رابطن کي هٿي ڏيڻ، واپار ۾ واڌ ۽ سياحت لاءِ نوان دروازا کولڻ سميت اهم سفارتي ۽ معاشي اڳڀرائي آهي. وزارت مان …
وفاقي ڪابينه گوادر- عمان فيري سروس جي منظوري ڏئي ڇڏي، پاڪستان ۽ عمان جلد ايم او يو تي صحيحون ڪندا: جنيد انوار چوڌري

مزید خبریں
اسلام آباد-14 نومبر (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري چيو آهي ته وفاقي ڪابينه پاڪستان ۽ عمان وچ ۾ مسافرن ۽ ڪارگو جي اچ وڃ لاءِ گوادر ۽ عمان فيري سروس جي شروعات جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جيڪا خطي ۾ سامونڊي رابطن کي هٿي ڏيڻ، واپار ۾ واڌ ۽ سياحت لاءِ نوان دروازا کولڻ سميت اهم سفارتي ۽ معاشي اڳڀرائي آهي. وزارت مان جاري بيان موجب وفاقي وزير ٻُڌايو ته پاڪستان ۽ عمان جلد ئي مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون ڪندا جڏهن ته فيري آپريشن جي عملي ۽ فني رُخن کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ عمان جو اعليٰ سطح جو وفد جلد پاڪستان جو دؤرو ڪندو. هن چيو ته هي منصوبو جولاءِ 2025ع ۾ اسلام آباد ۾ عمان جي سفير فهد بن سليمان بن خلف الخروصي سان ٿيل اهم ملاقات جو تسلسل آهي، جنهن ۾ سامونڊي تعاون، اقتصادي حصيداري ۽ خطي ۾ نئين سامونڊي راهدارين جي امڪانن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي هئي. جنيد انوار چوڌري موجب گوادر کان عمان تائين سڌيءَ ريت فيري روٽ نه صرف ٻه طرفي واپار جي ڳاڻيٽي ۾ واڌ ڪندو پر وچ ايشيائي رياستن تائين سامان ۽ مسافرن جي گهٽ لاڳت ۽ تيز رفتار رسد به ممڪن بڻائيندو جنهن سان پاڪستان هڪ اهم علائقائي ٽرانزٽ حب طور سامهون اچي سگهي ٿو. جنيد انوار چوڌري ڪاٿو پيش ڪيو ته ايندڙ ڪجهه سالن ۾ گوادر جو سالياني روانگي واپار 850 ملين ڊالرن کان وڌي سگهي ٿو جنهن ۾ 645 ملين ڊالر ويليو ايڊڊ فشريز ۽ 200 کان 205 ملين ڊالر کجورن جي شعبي مان حاصل ٿيڻ جي توقع آهي. ان موجب عمان سميت خطي جي ملڪن کي گوادر جي نئين سامونڊي راهدارين ذريعي وچ ايشيائي مارڪيٽن تائين مؤثر رسائي حاصل ڪندو. وفاقي وزير ٻُڌايو ته سال 2024ع ۾ پاڪستان جي عمان کي روانگي واپار 224 ملين ڊالر هو جڏهن ته فيري سروس جي شروعات بندرگاهي ڍانچي جي بهتري ۽ گڏيل تعاون ۾ واڌ کانپوءِ هي ڳاڻيٽو نمايان طور وڌڻ جي اميد آهي.











