پاڪستان پاران عالمي امن لاءِ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي اپيل

گڏيل قومون-14 نومبر (اي پي پي) پاڪستان وڌندڙ عالمي تڪرارن ۽ گهڻ رخي چئلينجز کي نظر ۾ رکندي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي وڌيڪ مضبوط بڻائن جي ضرورت تي زور ڀريو آهي ته جيئن انهن تڪرارن کي حل ڪرڻ ۽ امن کي هٿي ڏيڻ جي ڪوششن کي موثر بڻائي سگهجي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي سفير عاصم افتخار احمد 193 رڪني جنرل اسيمبلي ۾ جنرل اسيمبلي جي …

گڏيل قومون-14 نومبر (اي پي پي) پاڪستان وڌندڙ عالمي تڪرارن ۽ گهڻ رخي چئلينجز کي نظر ۾ رکندي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي وڌيڪ مضبوط بڻائن جي ضرورت تي زور ڀريو آهي ته جيئن انهن تڪرارن کي حل ڪرڻ ۽ امن کي هٿي ڏيڻ جي ڪوششن کي موثر بڻائي سگهجي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي سفير عاصم افتخار احمد 193 رڪني جنرل اسيمبلي ۾ جنرل اسيمبلي جي ڪم جي نئين سر فعاليت تي بحث دوران چيو ته هڪ فعال ۽ موثر جنرل اسيمبلي حقيقت ۾ هڪ فعال ۽ مضبوط گڏيل قومن جو بنياد آهي، جنرل اسيمبلي نه رڳو تڪرارن جي حل پر انهن جي بنيادي سببن جي ازالي ۾ به اهم ڪردار ادا ڪري ٿي، جنهن ۾ ٽياڪڙي ۽ پنچائت جهڙن امن پسند طريقا شامل آهن. هن چيو ته گڏيل قومن جي ساک برقرار رکڻ لاءِ ضروري آهي ته قراردادن تي لفظي ۽ عملي ٻنهي سطحن تي عمل ٿئي، ڇاڪاڻ ته هي صرف اخلاقي نه پر قانوني ۽ سياسي قوت رکندڙ به هونديون آهن. پاڪستان قراردادن تي عملدرآمد جي نگراني لاءِ مستقل مڪينزم بڻائڻ جي تجويز ورجائيندي چيو ته ان مقصد لاءِ گڏيل قومن جي سيڪريٽريٽ جي باقاعده ۽ تفصيلي رپورٽون ضروري هجڻ گهرجن. ان سان جنرل اسيمبلي جي موثريت، شفافيت ۽ اهميت ۾ اضافو ٿيندو. پاڪستاني نمائندي زور ڀريو ته دنيا هن وقت مصنوعي ذهانت ۽ ڊجيٽل ٽيڪنالاجي جي نظم ۽ ضبط کان وٺي پرڏيهي خال ۽ عالمي وسيلن جي پائيدار استعمال جهڙن نون چئلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته جنرل اسيمبلي کي ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ گهرجي ته ڪو به ادارو گڏيل قومن جي چارٽر ۾ ڏنل پنهنجي حدن کي اورانگهي نه. سفير عاصم افتخار احمد ياد ڏياريو ته جڏهن سلامتي ڪائونسل ڪنهن تڪرار تي ڪارروائي کان پاسو ڪري، ته جنرل اسيمبلي مڪمل طور تي بااختيار آهي ته هو پنهنجو ڪردار ادا ڪري، جيئن گڏيل قومن جي چارٽر ۾ لکيل آهي. هن چيو ته جيتوڻيڪ پاڪستان جنرل اسيمبلي جي ڪم کي بهتر بڻائڻ ۽ غير ضروري تڪرار ختم ڪرڻ لاءِ سڌارن جي حمايت ڪري ٿو، پر ان عمل ۾ گڏيل قومن جي ٽن ٿنڀن امن ۽ سلامتي، ترقي ۽ انساني حقن جي متوازن اهميت برقرار رهڻ گهرجي،  پاڪستاني سفير سيڪريٽري جنرل ۽ اعليٰ انتظامي عهدن جي مقرري ۾ شفافيت، جامعيت، صنفي برابري ۽ علائقائي توازن جي اصولن جي توثيق ڪئي، خاص طور تي هن وقت جڏهن سڄي دنيا مان ايندڙ سيڪريٽري جنرل لاءِ عورت اميدوارن جي حمايت وڌي رهي آهي.