گڏيل قومون-14 نومبر (اي پي پي) پاڪستان جي حمايت سان گڏيل قومن وچ آفريقي جمهوريه ۾ امن مشن جو مدو هڪ سال لاءِ وڌائي ڇڏيو. گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل وچ آفريقي جمهوريه ۾ مقرر گڏيل قومن جي ملٽي ڊائمينشنل انٽيگريٽڊ اسٽيبلائيزيشن مشن (ايم آءِ اين يو ايس سي اي) جي مدي ۾ هڪ سال جي واڌ ڪري ڇڏي آهي. ان مشن ۾ پاڪستان جا هڪ هزار کان وڌيڪ فوجي …
پاڪستان جي حمايت سان گڏيل قومن وچ آفريقي جمهوريه ۾ امن مشن جو مدو هڪ سال لاءِ وڌائي ڇڏيو
گڏيل قومون-14 نومبر (اي پي پي) پاڪستان جي حمايت سان گڏيل قومن وچ آفريقي جمهوريه ۾ امن مشن جو مدو هڪ سال لاءِ وڌائي ڇڏيو. گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل وچ آفريقي جمهوريه ۾ مقرر گڏيل قومن جي ملٽي ڊائمينشنل انٽيگريٽڊ اسٽيبلائيزيشن مشن (ايم آءِ اين يو ايس سي اي) جي مدي ۾ هڪ سال جي واڌ ڪري ڇڏي آهي. ان مشن ۾ پاڪستان جا هڪ هزار کان وڌيڪ فوجي اهلڪار خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. پاڪستان جي نائب مستقل نمائندي سفير عثمان جدون قرارداد جي حق ۾ ووٽ ڏيندي چيو ته 1400 پاڪستاني اهلڪارن سان پاڪستان ايم آءِ اين يو ايس سي اي کي سڀ کان وڏو جٿو فراهم ڪندڙ ملڪن ۾ شامل آهي. اهو مشن گڏيل قومن جي امن ڪاررواين جو هڪ ڪامياب مثال آهي، جنهن پنهنجي جامع طريقيڪار ذريعي امن ۽ استحڪام لاءِ موثر ڪردار ادا ڪيو آهي. هن زور ڀريو ته وچ آفريقي جمهوريه ۾ امن ڪوششن کي متاثر ڪرڻ کانسواءِ مرحليوار ۽ حالتن موجب منتقلي ضروري آهي، ته جيئن گذريل 10 سالن ۾ حاصل ٿيل ڪاميابيون برقرار رهن. سندس چوڻ هو ته گڏيل قومن جون امن ڪارروايون امن جي سياسي حل، شهرين جي تحفظ ۽ استحڪام برقرار رکڻ لاءِ نهايت اهم آهن. قرارداد ۾ واضح ڪيو ويو ته مشن پنهنجي فرضن کي ترجيحن موجب پورو ڪري، جن ۾ سڀ کان اهم شهرين جو تحفظ، رياستي اختيار کي هٿي ڏيڻ، امن عمل جي مدد، جنگ بندي لاڳو ڪرڻ ۾ مدد ۽ انساني امداد جي بنا رنڊڪ فراهمي آهن. سلامتي ڪائونسل جي سيڪريٽري جنرل کان فيبروري، جون ۽ آڪٽوبر 2026ع ۾ اڳڀرائي جون رپورٽون جمع ڪرائڻ جي به درخواست ڪئي آهي. قرارداد پيش ڪندي فرانس جي سفير ان کي وچ آفريقي جمهوريه ۾ استحڪام لاءِ سلامتي ڪائونسل جي موقف ۾ هڪ اهم موڙ قرار ڏنو. سفير موجب ان سان مشن کي چونڊون منعقد ڪرائڻ، شهرين جي تحفظ، رياستي اختيارن ۽ امن عمل ۾ مدد جهڙن اهم شعبن ۾ پنهنجون سرگرميون موثر انداز ۾ جاري رکڻ ۾ مدد ملندي. سلامتي ڪائونسل اها توسيع راءِ شماري ذريعي 14 ووٽن سان منظور ڪئي، جڏهن ته صرف آمريڪا راءِ شماري ۾ حصو نه ورتو. قرارداد 2800 (2025) تحت مشن جو فوجي انگ 14046 تائين برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ چيو ويو ته 2025ع ۽ 2026ع ۾ چونڊ عمل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ان انگ جو ٻيهر جائزو ورتو ويندو.











