غزه ۾ جنگ سبب 90 سيڪڙو کان وڌيڪ ٻار سخت نفسياتي مسئلن سبب ناڪاري روين جو شڪار آهن: گڏيل قومون

گڏيل قومون-14 نومبر (اي پي پي) گڏيل قومن چيو آهي ته غزه ۾ ٻن سالن کان جنگ سبب 90 سيڪڙو کان وڌيڪ ٻار سخت نفسياتي مسئلن سبب ناڪاري روين جو شڪار آهن، روز مره جي زندگي جون سهولتون ختم ٿيڻ سبب انهن ۾ تحفظ ۽ استحڪام جو احساس ختم ٿي چڪو آهي، انهن جي صحتيابي لاءِ مستقل ۽ ڊگهي مدي وارين ڪوششن جي ضرورت هوندي. اها ڳالهه گڏيل قومن جي …

گڏيل قومون-14 نومبر (اي پي پي) گڏيل قومن چيو آهي ته غزه ۾ ٻن سالن کان جنگ سبب 90 سيڪڙو کان وڌيڪ ٻار سخت نفسياتي مسئلن سبب ناڪاري روين جو شڪار آهن، روز مره جي زندگي جون سهولتون ختم ٿيڻ سبب انهن ۾ تحفظ ۽ استحڪام جو احساس ختم ٿي چڪو آهي، انهن جي صحتيابي لاءِ مستقل ۽ ڊگهي مدي وارين ڪوششن جي ضرورت هوندي. اها ڳالهه گڏيل قومن جي انساني حقن بابت رابطا آفيس (اوچا) سيپٽمبر دوران ڪرائيل هڪ جائزي سروي رپورٽ ۾ چئي. هن چيو ته غزه ۾ 10 مان 9 ٻارن ۾ جارحاڻي رويي جون علامتون آهن، علائقي ۾ تباهي ۽ بربادي سبب زندگي جون ضرورتون اڻ لڀ ٿي ويون آهن، انهن ۾ احساس تحفظ ختم ٿيڻ سبب جارحاڻو رويو نمايان آهي. انساني همدردي جي ماهرن جو چوڻ آهي ته انهن ٻارن کي صحتيابي ۽ کين معمول تي آڻڻ لاءِ مستقل بنيادن تي ڊگهي مدي وارين ڪوششن جي ضرورت آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته سروي دوران 93 سيڪڙو ٻارن جارحاڻي رويي جو مظاهرو ڪيو، 90 سيڪڙو پاڻ کان ننڍن تي تشدد ڪري رهيا هئا، 96 سيڪڙو اداسي ۽ هيڻائپ جو شڪار ۽ 79 سيڪڙو کي ننڊ ۾ خلل جون شڪايتون هيون جڏهن ته 69 سيڪڙو موجب مطالعاتي سرگرمين کان انڪار ڪري ڇڏيو. ماهرن جو چوڻ آهي ته غزه ۾ نام نهاد جنگ بندي جي باوجود اسرائيلي حملا جاري آهن، غزه پٽي جي 50 سيڪڙو کان وڌيڪ علائقي تي اسرائيلي فوج مقرر آهي، ماڻهن ۾ تشدد ۽ عدم تحفظ جو خوف اڃان به مڪمل طور تي ختم ناهي ٿيو. رپورٽ موجب فلسطيني ماهيگيرن جي سمنڊن تائين رسائي ناممڪن آهي، اسرائيلي فوجي کين ييلولائن جي نالي تي حراست ۾ وٺندا آهن، رهائشي عمارتن ويجهو روزانو ڌماڪن جو اطلاع ملندو آهي، انساني اثاثن، عوامي انفرا اسٽرڪچر ۽ زرعي ايراضي تائين پهچ محدود يا مڪمل طور ممنوع آهي، اوچا جو چوڻ آهي ته غزه جي 2.1 ملين (21 لک) آبادي ۾ اٽڪل هڪ ملين 862 لڏپلاڻ وارن هنڌن تي رهن ٿا، انهن مان اڌ کان وڌيڪ خان يونس جي ڏاکڻي علائقي ۾ آهن، 264 دير البلاح ۾، 180 غزه ۽ اتر غزه جي گورنريٽس ۾ آهن، جڏهن ته 8 ماڳ رفح ۾ آهن. ڪيترن ئي ڪيمپن ۾ وڌيڪ رش هوندي آهي جنهن سان ڇوڪرين ۽ ٻارن لاءِ خطرا وڌي رهيا آهن، خاص ڪري معذور ماڻهو جيڪي تشدد، غفلت، پاڻي، صفائي ۽ صحت جي سهولتن تائين خطرناڪ پهچ جي خطرن جي ور چڙهيل آهن. گڏيل قومن جي فلسطيني پناهگيرن بابت اداري (انروا) موجب اٽڪل75 هزار ماڻهو سندس پناهگاهن ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ رهي رهيا آهن، نوجوان شديد بيچيني، رويي ۾ تبديلي ۽ محفوظ هنڌن جي مسلسل گهٽتائي تي ڳڻتي جو شڪار آهن.  انروا جو چوڻ آهي ته جنگ ۾ متفقه وقفي کانپوءِ چئن هفتن ۾ انساني همدردي جي حصيدارن غزه جي پٽي ۾ 132000 کان وڌيڪ ٻارن جي تحفظ جون خدمتون فراهم ڪيون. اوچا موجب اٽڪل 1600، معذور ٻار ۽ 45000 سارسنڀال ڪندڙ شامل آهن. مدد ۾ انفرادي نفسياتي مشاورت، گروپ سيشنز، انتظام جون سرگرميون، تفريحي نفسياتي سماجي مدد ۽ وڌيڪ حوالا شامل آهن. ان جو مقصد غزه جي پٽي ۾ اٽڪل 10 لک ٻارن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ هر مهيني هڪ لک کان وڌيڪ ٻارن تائين پهچڻ آهي.