اردن جو شاهه عبدالله ٻه ابن الحسين 15 ۽ 16 نومبر تي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪندو

اسلام آباد – 14 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي دعوت تي اردن جو شاهه عبدالله ٻه ابن الحسين 15 ۽ 16 نومبر تي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب اعليٰ سطح جو اهو دورو پاڪستان ۽ اردن جي وچ ۾ پراڻي، ڀائراڻي لاڳاپن جي عڪاسي ڪري ٿو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهو دورو پاڪستان ۽ اردن جي …

اسلام آباد – 14 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي دعوت تي اردن جو شاهه عبدالله ٻه ابن الحسين 15 ۽ 16 نومبر تي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب اعليٰ سطح جو اهو دورو پاڪستان ۽ اردن جي وچ ۾ پراڻي، ڀائراڻي لاڳاپن جي عڪاسي ڪري ٿو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهو دورو پاڪستان ۽ اردن جي لاڳاپن جي اسٽريٽجڪ رخ کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ، سياسي، اقتصادي ۽ ثقافتي شعبن ۾ هڪ جامع ۽ وسيع البنياد حصيداري کي شامل ڪندي ان کي اڳتي گامزن ڪرڻ جو ڪم ڪندو. پنهنجي دوري دوران شاهه عبدالله ٻه ابن الحسين صدر ۽ وزيراعظم سان اهم ملاقاتون ڪندو. بيان موجب ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن بابت سمورن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي، شاهه عبدالله ٻه کي اعليٰ ترين سول ايوارڊ سان نوازڻ جي خصوصي تقريب ايوان صدر ۾ ٿيندي. شاهه عبدالله ٻه ابن الحسين جو دورو پاڪستان ۽ اردن جي پراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪندو ۽ ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون جي دائري کي وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو.

مزید خبریں