راولپنڊي-14 نومبر (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، علائقائي استحڪام ۽ خوشحالي لاءِ اجتماعي ڪوششن جي اهميت تي زور ڀريندي تاجڪستان سان دفاعي ۽ سيڪيورٽي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. آءِ ايس پي آر مان جاري بيان موجب چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان تاجڪستان جي دفاع واري وزير ڪرنل جنرل سوبر زوده …
چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان تاجڪستان جي دفاع واري وزير ڪرنل جنرل سوبر زوده امام علي عبدالرحيم جي ملاقات

مزید خبریں
راولپنڊي-14 نومبر (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، علائقائي استحڪام ۽ خوشحالي لاءِ اجتماعي ڪوششن جي اهميت تي زور ڀريندي تاجڪستان سان دفاعي ۽ سيڪيورٽي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. آءِ ايس پي آر مان جاري بيان موجب چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان تاجڪستان جي دفاع واري وزير ڪرنل جنرل سوبر زوده امام علي عبدالرحيم جنرل هيڊ ڪوارٽرز ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، علائقائي سلامتي ۽ ٻطرفي دفاعي تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي ڌرين موجوده عسڪري تعاون، خاص ڪري تربيت، دهشتگردي جي خاتمي ۽ علائقائي سلامتي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. معزز مهمان پاڪ فوج جي پيشيوراڻي مهارت کي ساراهيو ۽ علائقائي استحڪام ۽ امن کي هٿي ڏيڻ ۾ ان جي ڪردار جو اعتراف ڪيو. فيلڊ مارشل علائقائي استحڪام ۽ خوشحالي لاءِ اجتماعي ڪوششن جي اهميت تي زور ڀريندي تاجڪستان سان دفاعي ۽ سيڪيورٽي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.











