قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق پاران جسٽس امين الدين خان کي وفاقي آئيني عدالت جي پهرئين چيف جسٽس جو حلف کڻڻ تي مبارڪون

اسلام آباد-14 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جسٽس امين الدين خان کي وفاقي آئيني عدالت جي پهرئين چيف جسٽس جو حلف کڻڻ تي مبارڪون ڏنيون آهن. پنهنجي مبارڪن واري پيغام ۾ هن وفاقي آئيني عدالت جي چيف جسٽس، جسٽس امين الدين خان لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته وفاقي آئيني عدالت جي چيف جسٽس جو عهدو سنڀالڻ هڪ وڏو اعزاز آهي. جسٽس …

اسلام آباد-14 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جسٽس امين الدين خان کي وفاقي آئيني عدالت جي پهرئين چيف جسٽس جو حلف کڻڻ تي مبارڪون ڏنيون آهن. پنهنجي مبارڪن واري پيغام ۾ هن وفاقي آئيني عدالت جي چيف جسٽس، جسٽس امين الدين خان لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته وفاقي آئيني عدالت جي چيف جسٽس جو عهدو سنڀالڻ هڪ وڏو اعزاز آهي. جسٽس امين الدين خان هڪ مشهور قانوندان آهي. وفاقي آئيني عدالت جي چيف جسٽس، جسٽس امين الدين جي سربراهي ۾ وفاقي آئيني عدالت انصاف جي فراهمي ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪندي. منصفاڻو ۽ موثر انصاف وارو نظام مضبوط جمهوريت ۽ ملڪي ترقي جو بنياد آهي. هن چيو ته اميد آهي ته جسٽس امين الدين خان آئين ۽ قانون موجب عدالتي نظام کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندو. وفاقي آئيني عدالت جي چيف جسٽس امين الدين خان جي ڪاميابي لاءِ دعاڳو آهيان.

مزید خبریں