سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پاران شگر جي عالمي ڏهاڙي تي پيغام

اسلام آباد-14 نومبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته شگر سڄي دنيا ۾ تيزي سان پکڙجندڙ سنگين بيماري آهي جيڪا نه رڳو انساني صحت پر معاشي ۽ سماجي ڍانچي تي به گهرا اثر ڇڏي رهي آهي، پاڪستان ۾ شگر جي مريضن جو وڌندڙ انگ فڪر جو لمحو آهي جنهن جي ازالي لاءِ فوري ۽ موثر قدمن جي ضرورت آهي. شگر جي عالمي ڏهاڙي جي …

اسلام آباد-14 نومبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته شگر سڄي دنيا ۾ تيزي سان پکڙجندڙ سنگين بيماري آهي جيڪا نه رڳو انساني صحت پر معاشي ۽ سماجي ڍانچي تي به گهرا اثر ڇڏي رهي آهي، پاڪستان ۾ شگر جي مريضن جو وڌندڙ انگ فڪر جو لمحو آهي جنهن جي ازالي لاءِ فوري ۽ موثر قدمن جي ضرورت آهي. شگر جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ سيد يوسف رضا گيلاني ان ڳالهه تي زور ڀريو ته شگر جي روڪٿام لاءِ وقت سر سڃاڻپ، موثر علاج تائين پهچ ۽ عوامي آگاهي بنيادي ٿنڀ آهن. هن چيو ته صحتمند طرز زندگي، متوازن غذا ۽ باقاعده ورزش ڪرڻ سان ان بيماري کي وڏي حد تائين روڪي سگهجي ٿو. سينيٽ چيئرمين چيو ته ان مرض جو مقابلو صرف انفرادي نه پر اجتماعي ڪوششن سان ئي ممڪن آهي. هن عوام، صحت جي ماهرن، سول سوسائٽي ۽ پاليسي ساز ادارن تي زور ڀريو ته هڪ مضبوط حڪمت عملي تحت شگر خلاف گڏيل ڪوششون ڪيون وڃن. هن نوجوان نسل لاءِ خاص آگاهي مهم جي ضرورت تي به زور ڀريو، ڇاڪاڻ ته ننڍي عمر ۾ غير صحتمند طرز زندگي مستقبل ۾ شگر جي خطرن کي وڌائي ڇڏيندي آهي. هن چيو ته باقاعده طبي معائني، بيماري جي شروعاتي نشانين کان آگاهي ۽ صحت جي تعليم کي هٿي ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. سينيٽ چيئرمين چيو ته حڪومت شگر جي روڪٿام ۽ علاج لاءِ جامع حڪمت عملي تي ڪم ڪري رهي آهي، جنهن تحت بهتر سهولتن، دوائن جي فراهمي ۽ آگاهي پروگرامن کي سگهه ڏني پئي وڃي. هن ان ڳالهه تي به زور ڀريو ته شگر ۽ ٻين وچڙندڙ بيمارين خلاف عالمي برادري کي گڏيل قدم کڻڻ گهرجن. هن چيو ته پاڪستان ان سلسلي ۾ عالمي ڪوششن جو فعال حصو آهي ۽ صحت جي شعبي ۾ عالمي تعاون کي هٿي ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي. سينيٽ چيئرمين عوام کي اپيل ڪئي ته هو پنهنجي صحت جي حوالي سان ذميواراڻو رويو اختيار ڪري، باقاعده چيڪ اپ ڪرائي ۽ صحتمند طرز زنگي اختيار ڪري ان بيماري کان پاڻ کي ۽ پنهنجي خاندان کي محفوظ بڻائي.

مزید خبریں