اسلام آباد-14 نومبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول بابت مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني چيو آهي ته پگهاردار طبقو اسان جو مٿي جو تاج آهي هو پنهنجي طاقت کان وڌيڪ ٽيڪس ادا ڪري ٿو، ٽيڪس نيٽ کي وڌائڻ لاءِ حڪومت ڪوششون ڪري رهي آهي، ان ۾ واڌ کانپوءِ پگهاردار طبقي کي ٽيڪس رليف ڏينداسين. قومي اسيمبلي ۾ سوالن جي وقفي دوران ايم اين اي شهلا رضا جي سوال جي …
پگهاردار طبقو اسان جو مٿي جو تاج آهي، هو پنهنجي طاقت کان وڌيڪ ٽيڪس ادا ڪري ٿو: مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني

مزید خبریں
اسلام آباد-14 نومبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول بابت مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني چيو آهي ته پگهاردار طبقو اسان جو مٿي جو تاج آهي هو پنهنجي طاقت کان وڌيڪ ٽيڪس ادا ڪري ٿو، ٽيڪس نيٽ کي وڌائڻ لاءِ حڪومت ڪوششون ڪري رهي آهي، ان ۾ واڌ کانپوءِ پگهاردار طبقي کي ٽيڪس رليف ڏينداسين. قومي اسيمبلي ۾ سوالن جي وقفي دوران ايم اين اي شهلا رضا جي سوال جي جواب ۾ مملڪتي وزير چيو ته هر سطح تي حڪومت چيمبرز ۽ ٻين ڌرين سان مشاورت جو سلسلو جاري رکيو آهي. وزيراعظم پاڻ ٽي ڪلاڪ ملاقات ڪئي ۽ رهنمائي ورتي، هر مهيني پوري پاڪستان جي چيمبرز جي صدرن سان ملاقات ٿيندي آهي، روانگي واپار وڌائڻ اسان جو بنيادي مقصد آهي، روانگي واپار وڌائڻ کانسواءِ آءِ ايم ايف کان ڇوٽڪارو ممڪن ناهي. ٽيڪس رجيم ۽ ٽيرف ۾ بهتري آڻي رهيا آهيون، معاشي استحڪام اچي رهيو آهي ۽ هاڻي اسان روانگي واپار ۾ اضافي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. سينيٽ اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران سينيٽرن ڪامران مرتضيٰ، فوزيه ارشد، پلوشه محمد زئي ۽ دنيش ڪمار پاران پڇيل سوالن جا جواب ڏيندي هن چيو ته پگهاردار طبقو سڀني کان وڌيڪ ٽيڪس ڏيندڙ شعبن ۾ شامل آهي، وزيراعظم معاشي سڌارن تي ڌيان ڏئي رهيو آهي جنهن جو مقصد ٽيڪس جي دائري ۾ اضافو ڪرڻ آهي. هن چيو ته هلندڙ سال ٽيڪس اوڳاڙين ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي، جڏهن ته سڀني کي ٽيڪس ڏيڻ گهرجي.











