اسلام آباد-14 نومبر (اي پي پي)پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي ترجمان ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر شازيه مري، سينيٽر قرت العين مري، ايم اين اي حسين شاهه ڄاموٽ ۽ ايم اين اي ڪرنل اسد خان نيازي ڪشمير بابت پارلياماني ڪميٽي جي چيئرمين راڻا محمد قاسم نون جي والده جي لاڏاڻي تي سندس گهر وڃي تعزيت ڪئي. پي پي پي ميڊيا سيل مان جاري بيان موجب شازيه مري ۽ وفد راڻا …
ايم اين اي شازيه مري پاران راڻا محمد قاسم نون جي والده جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد-14 نومبر (اي پي پي)پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي ترجمان ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر شازيه مري، سينيٽر قرت العين مري، ايم اين اي حسين شاهه ڄاموٽ ۽ ايم اين اي ڪرنل اسد خان نيازي ڪشمير بابت پارلياماني ڪميٽي جي چيئرمين راڻا محمد قاسم نون جي والده جي لاڏاڻي تي سندس گهر وڃي تعزيت ڪئي. پي پي پي ميڊيا سيل مان جاري بيان موجب شازيه مري ۽ وفد راڻا محمد قاسم نون سان سندس والده جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. هن مرحومه جي ايصال ثواب ۽ درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ راڻا قاسم نون ۽ سندس خاندان سان دلي همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته ماءُ جهڙي عظيم هستي جو وڇوڙو زندگي جو سڀ کان وڏو صدمو هوندو آهي. شازيه مري چيو ته الله تعاليٰ مرحومه کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا ڪري ۽ وارثن کي صبر ڏي.











