بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس ۾ شرڪت کانپوءِ سربيا ۽ ڪينيا جا پارلياماني وفد واپس وطن روانا

اسلام آباد-14 نومبر (اي پي پي)بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس ۾ شرڪت کانپوءِ سربيا ۽ ڪينيا جا پارلياماني وفد واپس پنهنجي پنهنجي وطن روانا ٿي ويا. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب اسلام آباد ايئرپورٽ تي سينيٽ جي اعليٰ عملدارن سربيا جي اسپيڪر ۽ وفد جي ميمبرن کين الوداع ڪيو. سربيا جي اسپيڪر سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني جي شاندار ميزباني تي ٿورو مڃيو. هن پاڪستان جي عوام ۽ پارليامينٽ …

اسلام آباد-14 نومبر (اي پي پي)بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس ۾ شرڪت کانپوءِ سربيا ۽ ڪينيا جا پارلياماني وفد واپس پنهنجي پنهنجي وطن روانا ٿي ويا. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب اسلام آباد ايئرپورٽ تي سينيٽ جي اعليٰ عملدارن سربيا جي اسپيڪر ۽ وفد جي ميمبرن کين الوداع ڪيو. سربيا جي اسپيڪر سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني جي شاندار ميزباني تي ٿورو مڃيو. هن پاڪستان جي عوام ۽ پارليامينٽ لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ان کانسواءِ بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس ۾ شرڪت کانپوءِ ڪينيا جي وفد ۾ شامل ڊپٽي اسپيڪر فراح معالم ۽ ڊپٽي هيڊ آف دي هائوس اسلام آباد کان پنهنجي ملڪ روانا ٿي ويا. اسلام آباد ايئرپورٽ تي سينيٽ جي اعليٰ عملدارن کين الوداع ڪيو. ڪينيا جي وفد سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني جي قيادت ۾ ڪانفرنس ڪاميابي سان منعقد ڪرڻ تي پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو.

مزید خبریں