انقره-14 نومبر (اي پي پي) ترڪيه چيو آهي ته غزه ۾ عالمي استحڪام فورس کي مستقل جنگ بندي جي ضمانت ڏيڻي پوندي. پرڏيهي ميڊيا موجب ترڪيه جي دفاع واري وزارت ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته انقره کي سڀ کان وڏي اميد غزه ۾ مقرر ڪيل عالمي استحڪام فورس ۾ آهي ته اها جنگ بندي جي ڪمزور معاهدي جي تسلسل جي ضمانت ڏئي. ترڪيه جيڪو نيٽو جو ميمبر ملڪ …
غزه ۾ عالمي استحڪام فورس کي مستقل جنگ بندي جي ضمانت ڏيڻي پوندي: ترڪيه
انقره-14 نومبر (اي پي پي) ترڪيه چيو آهي ته غزه ۾ عالمي استحڪام فورس کي مستقل جنگ بندي جي ضمانت ڏيڻي پوندي. پرڏيهي ميڊيا موجب ترڪيه جي دفاع واري وزارت ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته انقره کي سڀ کان وڏي اميد غزه ۾ مقرر ڪيل عالمي استحڪام فورس ۾ آهي ته اها جنگ بندي جي ڪمزور معاهدي جي تسلسل جي ضمانت ڏئي. ترڪيه جيڪو نيٽو جو ميمبر ملڪ آهي ٻن سالن کان جاري اسرائيلي تباهه ڪن حملن جو شاهد رهيو آهي . انهن حملن کي نسل ڪشي قرار ڏنو آهي. ترڪيه جنگ بندي جي ڪوششن ۾ هڪ مرڪزي ٽياڪڙ طور ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ پنهنجي خواهش ظاهر ڪئي آهي ته هو غزه ۾ استحڪام جي عالمي فورس ۾ شامل ٿئي اسرائيل ان تي بار بار اعتراض ڪيو آهي .انقره ۾ هڪ ميڊيا بريفنگ دوران دفاع واري وزارت چيو آهي ته ترڪيه سمجهي ٿو ته آمريڪي قيادت ۾ قائم ٿيندڙ شهري ۽ عسڪري رابطه مرڪز ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ته غزه تائين انساني امداد جي رسائي بنا رڪاوٽ ٿئي ۽ اهو سڀ ڪجهه عالمي قانون موجب ڪيو وڃي.











