روس جي اثاثن جو استعمال يوڪرين جي مدد جو بهترين طريقو آهي: يورپي ڪميشن

برسلز -14 نومبر (اي پي پي ) يورپي ڪميشن جي سربراهه ارسولافون ڊير لائن چيو آهي ته يورپي يونين جي ميمبر ملڪن وٽ يوڪرين جي مالي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ ٽي رستا آهن ۽ ان ويجهو منجمد ٿيل روس جي اثاثن جو استعمال سڀ کان بهترين طريقو آهي . پرڏيهي ميڊيا موجب يورپي پارليمينٽ ۾ پنهنجي خطاب دوران هن وضاحت ڪئي ته ٻي صورت اها آهي ته يورپي يونين …

برسلز -14 نومبر (اي پي پي ) يورپي ڪميشن جي سربراهه ارسولافون ڊير لائن چيو آهي ته يورپي يونين جي ميمبر ملڪن وٽ يوڪرين جي مالي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ ٽي رستا آهن ۽ ان ويجهو منجمد ٿيل روس جي اثاثن جو استعمال سڀ کان بهترين طريقو آهي . پرڏيهي ميڊيا موجب يورپي پارليمينٽ ۾ پنهنجي خطاب دوران هن وضاحت ڪئي ته ٻي صورت اها آهي ته يورپي يونين پنهنجي بجيٽ جي اضافي حصي مان فنڊ فراهم ڪري يا ميمبر ملڪ پاڻ سيڙپڪاري گڏ ڪرڻ تي راضي ٿين. هن چيو ته ٽيون آپشن اهو آهي ته منجمد ٿيل روس جي اثاثن جي بنياد تي معاوضاتي قرض فراهم ڪيو  وڃي. اسان يوڪرين کي قرض ڏينداسين جيڪو ان وقت واپس ڪندو جڏهن روس معاوضو ادا ڪندو. اهو ئي طريقو يوڪرين جي دفاع ۽ معيشت کي مستحڪم رکڻ جو سڀ کان بهترين ذريعو آهي .