رياض-14 نومبر (اي پي پي ) سعودي عرب جي وڏي ترقياتي ۽ سياحتي منصوبن کان علاوه صحت بابت شعبن ۾ بنگلاديش جي هنرمند ماڻهن لاءِ وڏي تعداد ۾ روزگار جي موقعن جي حوالي سان گذريل ڏينهن معاهدي تي صحيحيون ڪيون ويون آهن. پرڏيهي ميديا موجب معاهدي تي مملڪت جي سفير چيو ته اسان اميد ڪريون ٿا ته ايندڙ مهينن ۾ بنگلاديش جي ٽي لک شهرين کي روزگار ڏنو ويندو. ان …
سعودي عرب پاران بنگلاديش جي 03 لک ماڻهن کي روزگار فراهم ڪرڻ جو معاهدو
رياض-14 نومبر (اي پي پي ) سعودي عرب جي وڏي ترقياتي ۽ سياحتي منصوبن کان علاوه صحت بابت شعبن ۾ بنگلاديش جي هنرمند ماڻهن لاءِ وڏي تعداد ۾ روزگار جي موقعن جي حوالي سان گذريل ڏينهن معاهدي تي صحيحيون ڪيون ويون آهن. پرڏيهي ميديا موجب معاهدي تي مملڪت جي سفير چيو ته اسان اميد ڪريون ٿا ته ايندڙ مهينن ۾ بنگلاديش جي ٽي لک شهرين کي روزگار ڏنو ويندو. ان کانسواءِ سعودي عرب ۾ بنگلاديش جا 36 لک شهري اڳ ئي ڪم تي موجود آهن جيڪي پنهنجي ملڪ ۾ 5 ارب ڊالرز جي لڳ ڀڳ رقم سعودي عرب مان موڪلين ٿا . سعودي عرب جي ان ليبر مارڪيٽ کي بنگلاديش جي شهرين 1970ع جي ڏهاڪي کان جوائن ڪيو آهي. بنگلاديش جا شهرين جو انگ سعودي عرب ۾ ڪجهه ملڪن کان وڌيڪ آهي. اها ڳالهه ڍاڪا ۾ سعودي عرب جي نئين سفير ڊاڪٽر عبدالله ظفر ٻڌائي ۽ چيو ته ڪارڪنن کي وقت تي پگهارون ڏيارڻ ۽ انهن جي روزگار جي سلسلي ۾ شفافيت کي بهتر بڻائڻ لاءِ به قدم کنيا ويا آهن. ملازمت دوران پيدا ٿيل مسئلن ۽ تڪرار جي حل لاءِ به قدم کنيا ويا آهن جڏهن ته ڪارڪنن کي سعودي عرب وڃڻ کان اڳ ئي سعودي عرب جي باري ۾ آگاهي لاءِ آگاهي جو اهتمام ڪيو ويندو. ياد رهي ته سعودي عرب ۾ 2027ع ۾ ايشيا ۾ ايشين فٽبال چيمپئين شپ منعقد ٿيڻ وارو آهي جڏهن ته 2030ع ۾ عالمي نمائش جو اهتمام ٿيندو جڏهن ته 2034ع ۾ فٽ بال جي ورلڊ ڪپ جي سعودي عرب ميزباني ڪندو ان نئين معاهدي تحت سعودي عرب ۾ مختلف صنعتن کي به پورهيتن جي ضرورت پوندي ۽ معاهدي جي نتيجي ۾ نيوم سٽي جي منصوبي بابت به ماڻهن کي روزگار ملندو. اميد آهي ته 2026ع تائين بنگلاديش مان اڍائي لک کان ٽي لک تائين ماڻهو روزگار لاءِ سعودي عرب ويندا. بنگلاديش جي سفير اهو به اعلان ڪيو ته بنگلاديش مان شاگردن جو به وڏو انگ سعودي عرب ۾ پهتو آهي ته جيئن بنگلاديش جا شاگرد سعودي عرب جي يونيورسٽين مان فائدو حاصل ڪري سگهن.











