گهرو معاملن واري وفاقي وزير سان بحرين جي هم منصب جو ٽيليفون تي ملاقات

اسلام آباد-13 نومبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان بحرين جي هم منصب ليفٽيننٽ جنرل راشد بن عبدالله الخيفله ٽيليفون تي رابطو ڪيو. بحرين جي گهرو وزير ليفٽيننٽ جنرل راشد بن عبدالله الخليفه اسلام آباد ۾ دهشتگرد حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي قيمتي جانين جي نقصان تي گهري ڏُک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. گهرو وزارت مان جاري بيان موجب بحريني گهرو …

اسلام آباد-13 نومبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان بحرين جي هم منصب ليفٽيننٽ جنرل راشد بن عبدالله الخيفله ٽيليفون تي رابطو ڪيو. بحرين جي گهرو وزير ليفٽيننٽ جنرل راشد بن عبدالله الخليفه اسلام آباد ۾ دهشتگرد حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي قيمتي جانين جي نقصان تي گهري ڏُک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. گهرو وزارت مان جاري بيان موجب بحريني گهرو وزير چيو ته ڏُک جي ان گهڙيءَ ۾ متاثر ڪٽنبن سان دلي همدرديءَ جو اظهار ڪري ٿو. بحرين جي گهرو وزير پاڪستان سان بحرين جي پختي حمايت ۽ يڪجهتيءَ جي عزم کي ورجايو.

مزید خبریں