اسلام آباد-13 نومبر (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته آرمي، ايئرفورس، نيوي بلز ۽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ ۾ ترميمون 27هين آئيني ترميم تحت ڪيون ويون آهن. قومي اسيمبليءَ ۾ وضاحتي بيان ڏيندي هن چيو ته آرمي، ايئرفورس، نيوي بلز ۽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ ۾ ترميمن جو مقصد کين 27هين آئيني ترميم سان هم آهنگ ڪرڻ آهي. آرمي ايڪٽ …
آرمي، ايئرفورس، نيوي بلز ۽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ ۾ ترميمون 27هين آئيني ترميم تحت ڪيون ويون آهن: سينيٽر اعظم نذير تارڙ

مزید خبریں
اسلام آباد-13 نومبر (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته آرمي، ايئرفورس، نيوي بلز ۽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ ۾ ترميمون 27هين آئيني ترميم تحت ڪيون ويون آهن. قومي اسيمبليءَ ۾ وضاحتي بيان ڏيندي هن چيو ته آرمي، ايئرفورس، نيوي بلز ۽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ ۾ ترميمن جو مقصد کين 27هين آئيني ترميم سان هم آهنگ ڪرڻ آهي. آرمي ايڪٽ ۾ جيڪي ترميمون ڪيون ويون آهن ان تحت آرمي چيف جو عهدو هاڻ چيف آف ڊفينس فورسز ۾ تبديل ٿيو آهي. چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف جو عهدو موجوده چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف جي رٽائرمينٽ تي ختم ٿيندو. چيف آف ڊفينس فورسز جي عهدي جي مُدت 5 سال هوندي ۽ مقرريءَ جي تاريخ کان مُدت شمار ٿيندي. اهڙيءَ طرح ايئرفورس ۽ نيوي جي بلن ۾ به ضروري تبديليون ڪيون ويون آهن. سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ ۾ به تبديليون ڪيون ويون آهن، آئيني بينچز نه رهيون آهن ۽ آئين تحت ڪورٽ قائم ڪئي وئي آهي، ان ۾ پهرين مقرري چيف جسٽس جي ٿيڻي آهي، ان حوالي سان وزيراعظم سمري جاري ڪندو. جتي جتي آئيني بينچن جو ذڪر هو اهو ختم ڪيو ويو آهي، مان ان حوالي سان پوري ايوان جو شڪريو ادا ڪرڻ چاهيان ٿو.











