قومي اسيمبلي پاڪستان آرمي ترميمي بل 2025ع، پاڪستان ايئرفورس ترميمي بل 2025ع، پاڪستان نيوي ترميمي بل 2025ع جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد-13 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي پاڪستان آرمي ترميمي بل 2025ع، پاڪستان ايئرفورس ترميمي بل 2025ع، پاڪستان نيوي ترميمي بل 2025ع جي منظوري ڏئي ڇڏي. قومي اسيمبليءَ ۾ قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ٻُڌايو ته وفاقي ڪابينه جو اجلاس اڄ ٿيو آهي جنهن ۾ لاڳاپيل قانونسازيءَ لاءِ اجازت ڏني وئي آهي، 27هين ترميم تي صدر مملڪت صحيحون ڪري ڇڏيون آهن ۽ هاڻ هي …

اسلام آباد-13 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي پاڪستان آرمي ترميمي بل 2025ع، پاڪستان ايئرفورس ترميمي بل 2025ع، پاڪستان نيوي ترميمي بل 2025ع جي منظوري ڏئي ڇڏي. قومي اسيمبليءَ ۾ قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ٻُڌايو ته وفاقي ڪابينه جو اجلاس اڄ ٿيو آهي جنهن ۾ لاڳاپيل قانونسازيءَ لاءِ اجازت ڏني وئي آهي، 27هين ترميم تي صدر مملڪت صحيحون ڪري ڇڏيون آهن ۽ هاڻ هي آئين جو حصو آهي، آئيني عدالت قائم ٿي وئي آهي، وزيراعظم، صدر مملڪت، بلاول ڀٽو زرداري ۽ اتحادي پارٽين جي اڳواڻن جو شڪريو ادا ڪريان ٿو. قانون واري وزير چيو ته آرٽيڪل 243 ۾ تبديليون ڪيون ويون آهن، فيلڊ مارشل جي عهدي کي آئيني تحفظ فراهم ڪيو ويو آهي، جديد جنگي رجحانن جي روشنيءَ ۾ آرمي چيف جي عهدي کي چيف آف ڊفينس فورسز جي عهدي ۾ تبديل ڪيو ويو آهي، ان جي عهدن تي مقرريءَ لاءِ بچاءَ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف، بچاءُ واري وزارت طرفان ٽن قانونن جون سمريون قانون واري وزارت کي فراهم ڪيون آهن جنهن جي وفاقي ڪابينه منظوري ڏئي ڇڏي آهي، آئيني عدالت لاءِ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ ۾ ڪجهه ترميمن جي مسودي جي پڻ منظوري ڏني وئي آهي. هن اسپيڪر کان ضمني ايجنڊا ۾ ان ترميمن کي شامل ڪرڻ جي گذارش ڪئي جنهن جي اسپيڪر اجازت ڏني. خواجه محمد آصف پاڪستان آرمي ايڪٽ 1952ع ۾ ترميم ڪرڻ جو بل پاڪستان آرمي ترميمي بل 2025ع، پاڪستان ايئرفورس ايڪٽ 1953ع ۾ ترميم ڪرڻ جو بل پاڪستان ايئرفورس ترميمي بل 2025ع ۽ پاڪستان نيوي آرڊيننس 1961ع ۾ ترميم جو بل پاڪستان نيوي ترميمي بل 2025ع ايوان ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت گُهري، اجازت ملڻ تي هن ٽيئي بل ايوان ۾ پيش ڪيا، جن جي ايوان شق وار منظوري ڏئي ڇڏي. ان کان اڳ قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ايوان کي ٻُڌايو ته سريلنڪا جي حڪومت ۽ ڪرڪيٽ بورڊ جو فيصلو ساراهه جوڳو آهي. سريلنڪا اسان جي انهن دوستن مان آهي جن ڪرڪيٽ جي حوالي سان قيمت چُڪائي آهي، ماضيءَ ۾ حملي باوجود پاڪستان کيڏڻ آيا آهن، جهڙيءَ طرح حالتون بڻايون ويون آهن ۽ ڪالهه جهڙيءَ طرح حملو ٿيو آهي اسلام آباد پوليس حملي آورن کي عدالت جي عمارت ۾ داخل ٿيڻ کان روڪيو جنهن سان وڌيڪ نقصان ٿي پئي سگهيو. هن چيو ته ان جي دوست اسلم گهمن جو نوجوان پُٽ جنهن کي 10 ڏينهن اڳ سپريم ڪورٽ ۾ پريڪٽس جو لائسنس مليو اهو انرولمينٽ جي خوشيءَ ۾ ويو هو اها تڪليف ۾ بدلجي وئي. واقعي کانپوءِ وزيراعظم جي هدايت تي مان اسپتالن ۾ ويس، دهشتگردن جو ڪوبه دين مذهب ناهي. ان ڌماڪي ۾ اڪثر غريب ماڻهو شهيد ٿيا. وزيراعظم خاص هدايت ڪئي ته متاثرن جي وارثن کي پيڪيج ڏنو ويندو.

مزید خبریں