اسلام آباد-13 نومبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ڪيڊٽ ڪاليج وانا تي خوارجين جو حملو ناڪام بڻائڻ ۽ سمورن شاگردن ۽ استادن کي حفاظت سان ريسڪيو ڪرڻ تي پاڪ فوج کي خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي. گهرو وفاقي وزير حملي آور خوارجين کي جهنم ڀيڙو ڪري سمورن شاگردن ۽ استادن کي ريسڪيو ڪرڻ تي پاڪ فوج جي پيشيوراڻين صلاحيتن کي ساراهيو. ڪالهه گهرو وزارت مان …
گهرو معاملن واري وفاقي وزير پاران ڪيڊٽ ڪاليج وانا تي خوارجين جو حملو ناڪام بڻائڻ تي پاڪ فوج کي خراجِ تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد-13 نومبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ڪيڊٽ ڪاليج وانا تي خوارجين جو حملو ناڪام بڻائڻ ۽ سمورن شاگردن ۽ استادن کي حفاظت سان ريسڪيو ڪرڻ تي پاڪ فوج کي خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي. گهرو وفاقي وزير حملي آور خوارجين کي جهنم ڀيڙو ڪري سمورن شاگردن ۽ استادن کي ريسڪيو ڪرڻ تي پاڪ فوج جي پيشيوراڻين صلاحيتن کي ساراهيو. ڪالهه گهرو وزارت مان جاري بيان موجب محسن نقوي چيو ته وقت سر ڪارروائيءَ تي پاڪ فوج جي آپريشنل ڪمانڊر ۽ پوري ٽيم کي مبارڪون ڏيان ٿو. سڀني شاگردن ۽ استادن جون زندگيون بچائيندڙ بهادر پُٽن کي سلام، شاگردن ۽ استادن جون زندگيون بچائيندڙ پُٽ قوم جا هيرو آهن.











