قومي اسيمبلي سريلنڪا جي ڪرڪيٽ ٽيم جو پاڪستان ۾ دؤرو جاري رکڻ تي مبارڪن واري قرارداد منظور ڪري ورتي

اسلام آباد-13 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي خطرن باوجود سريلنڪا جي ڪرڪيٽ ٽيم جو پاڪستان جو دؤرو جاري رکڻ تي مبارڪن واري قرارداد منظور ڪري ورتي. پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري، سريلنڪا جي ٽيم جي دؤري کي جاري رکڻ جي حوالي سان مبارڪن واري قرارداد ايوان ۾ پيش ڪئي. قرارداد ۾ چيو ويو ته ايوان سريلنڪا جي ڪرڪيٽ ٽيم طرفان سمورن خطرن باوجود پاڪستان جو …

اسلام آباد-13 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي خطرن باوجود سريلنڪا جي ڪرڪيٽ ٽيم جو پاڪستان جو دؤرو جاري رکڻ تي مبارڪن واري قرارداد منظور ڪري ورتي. پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري، سريلنڪا جي ٽيم جي دؤري کي جاري رکڻ جي حوالي سان مبارڪن واري قرارداد ايوان ۾ پيش ڪئي. قرارداد ۾ چيو ويو ته ايوان سريلنڪا جي ڪرڪيٽ ٽيم طرفان سمورن خطرن باوجود پاڪستان جو دؤرو جاري رکڻ جي فيصلي کي ساراهي ٿو. هي ايوان ان سلسلي ۾ سريلنڪا جي صدر، بچاءَ واري وزير ۽ سريلنڪا جي پوري حڪومت جي ذاتي ڪوششن کي ساراهي ٿو. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته هي ايوان وفاقي گهرو وزير ۽ چيئرمين پاڪستان اسپورٽس بورڊ محسن نقوي بچاءَ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف طرفان سريلنڪن ٽيم کي دؤرو جاري رکڻ جي حوالي سان سندن مخلصاڻين ڪوششن کي به ساراهي ٿو. ايوان قرارداد منظور ڪري ورتي.

مزید خبریں