سينيٽ چيئرمين سان روسي فيڊريشن ڪائونسل جي نائب اسپيڪر، بارباڊوس جي اسپيڪر، فلسطين جي نيشنل ڪائونسل جي اسپيڪر، روانڊا جي سينيٽ جي صدر، الجيريا جي پارليامينٽ ميمبر ۽ ٻين اڳواڻن جون ڌار ڌار ملاقاتون

اسلام آباد-13 نومبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سان روسي فيڊريشن ڪائونسل جي نائب اسپيڪر ڪونسٽينٽاين ڪوساچوف، بارباڊوس جي اسپيڪر آرٿر يوجين هولڊر، فلسطين جي نيشنل ڪائونسل جي اسپيڪر روحي فتوح، روانڊا جي سينيٽ جي صدر فيرينڪ ڪويس زوير ڪولنڌا، الجيريا جي پارليامينٽ ميمبر سعد ارائوس ۽ ٻين اڳواڻن جون ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب پارلياماني وفدن ملاقاتن ۾ اسلام آباد …

اسلام آباد-13 نومبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سان روسي فيڊريشن ڪائونسل جي نائب اسپيڪر ڪونسٽينٽاين ڪوساچوف، بارباڊوس جي اسپيڪر آرٿر يوجين هولڊر، فلسطين جي نيشنل ڪائونسل جي اسپيڪر روحي فتوح، روانڊا جي سينيٽ جي صدر فيرينڪ ڪويس زوير ڪولنڌا، الجيريا جي پارليامينٽ ميمبر سعد ارائوس ۽ ٻين اڳواڻن جون ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب پارلياماني وفدن ملاقاتن ۾ اسلام آباد ۾ پيش آيل خودڪش حملي جي پُرزور مذمت ڪئي ۽ پاڪستان سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪيو. پرڏيهي نمائندن ان واقعي کي بزدلاڻو قرار ڏنو ۽ چيو ته اهڙن واقعن جي جيتري مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. سينيٽ چيئرمين بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس ۾ شرڪت تي سمورن پارلياماني وفدن جو ٿورو مڃيو ۽ چيو ته هي موضوع وقت جي مناسبت ۽ اهميت جي لحاظ سان سڀ کان وڌيڪ اهم آهي ۽ اسان کي پارلياماني اڳواڻن جي حيثيت سان امن، ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ گڏجي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته آءِ ايس سي هڪ اهڙو پليٽ فارم آهي جتي دنيا جي اهم پارلياماني اڳواڻن، نمائندن کي هڪٻئي جي تجربن مان فائدو حاصل ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو، اسان کي اداره جاتي سهڪار کي مضبوط بڻائڻ ۽ گهڻ رُخي شعبن ۾ رابطي ڪاري کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ تي ڌيان ڏيڻو پوندو. روسي وفد سان ڳالهائيندي سينيٽ چيئرمين چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ اعليٰ سطح تي وفدن جي مٽاسٽا انتهائي ساراهه جوڳي ڳالهه آهي. هن ان موقعي تي روسي فيڊريشن ڪائونسل جي چيئرپرسن ويلينٽيا مٽونيڪو جي دؤري جو به ذڪر ڪيو ۽ چيو ته سندس دؤري سان پاڪستان سان رابطا وڌيڪ بهتر ٿيا آهن. سينيٽ چيئرمين روس جي نائب اسپيڪر ۽ ان جي وفد جو خاص ٿورو مڃيو. هن چيو ته ٻنهي پارليامينٽن وچ ۾ بهتر رابطه ڪاري جي شروعات ٿي چڪي آهي. هن روس جي پارلياماني قيادت ۽ روس جي صدر لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار پڻ ڪيو. روس جي ڊپٽي اسپيڪر اسلام آباد ۾ ٿيل بم ڌماڪي ۾ جاني نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ ان جي مذمت ڪئي. هن يوسف رضا گيلاني کي ڪامياب بين الپارلياماني ڪانفرنس ڪوٺائڻ ۽ مثالي انتظامن تي مبارڪون ڏنيون. وفد جي اڳواڻن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ رابطه ڪاري مختلف فورمز ذريعي هٿي وٺي رهي آهي. پارلياماني دوستي گروپ به پنهنجو فعال ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽن جو پاڻ ۾ رابطو سٺو سنوڻ آهي. بارباڊوس جي اسپيڪر آرٿر يوجين هولڊر سان ملاقات ۾ سينيٽ چيئرمين پاڪستان بارباڊوس جي ٻه طرفي تعاون کي اهم قرار ڏنو ۽ چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ مختلف عالمي پارلياماني پليٽ فارمز تي بهترين تعاون ڏسڻ ۾ آيو آهي ۽ اسان بارباڊوس سان گهڻ رُخي تعاون کي هٿي ڏيڻ جا خواهشمند آهيون. بارباڊوس جي اسپيڪر يوسف رضا گيلاني لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ ٻه طرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ تي زور ڀريو. فلسطين جي نيشنل ڪائونسل جي اسپيڪر روحي فتوح سان ملاقات دوران سينيٽ چيئرمين فلسطيني عوام جي حوصلي ۽ عزم جي ساراهه ڪئي ۽ کين خراجِ تحسين پيش ڪيو. هن چيو ته وچ اوڀر ۾ پائيدار امن لاءِ فلسطين مسئلي جو حل فلسطين جي عوام جي اُمنگن ۽ گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب ضروري آهي. هن چيو ته جنگبندي جو معاهدو سٺي ڳالهه آهي جڏهن ته جنگبنديءَ جي ڀڃڪڙيءَ جا واقعا مذمت جوڳا آهن. سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان فلسطيني ڀائرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي بنيادن تي حمايت جاري رکندو. فلسطين جي پارلياماني اڳواڻ سينيٽ چيئرمين جو ٿورو مڃيندي چيو ته مشڪل وقت ۾ پاڪستان فلسطيني عوام جو ساٿ ڏنو آهي جنهن تي اسان پاڪستان جي حڪومت، پارليامينٽ ۽ عوام جا شڪرگذار آهيون. وفد آءِ ايس سي جي پليٽ فارم کي انتهائي اهم قرار ڏنو ۽ سينيٽ چيئرمين جي قائداڻين صلاحيتن جي ساراهه ڪئي. گوئٽي مالا جي اڳوڻي صدر جمي مورالس، سيڪريٽري جنرل بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانوا ڪناٿ ڌڪل سينيٽ چيئرمين کي آءِ ايس سي جي ڪامياب پروگرام تي مبارڪون ڏنيون. روانڊا جي سينيٽ جي صدر فيرينڪ ڪويس زوير ڪولنڌا سينيٽ چيئرمين سان ملاقات ڪئي ۽ اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان روانڊا سان پنهنجن لاڳاپن کي اهميت ڏئي ٿو ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ سفارتي لاڳاپن ۽ رابطن ۾ وڌيڪ بهتري ڏسڻ ۾ آئي آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن هميشه تاريخي سطح تي دوستاڻن لاڳاپن کي اهميت ڏني آهي ۽ اهو اسان لاءِ فخر جي ڳالهه آهي. سينيٽ چيئرمين اداره جاتي تعاون جي اهميت تي زور ڀريو ۽ گهڻ رُخي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ لاءِ قدم کڻڻ سميت وفدن جي مٽاسٽا ۾ تيزي آڻڻ جي تجويز ڏني. وفد جي اڳواڻ سينيٽ چيئرمين جي خيالن سان اتفاق ڪندي ٻه طرفي تعاون کي نَون بلندين تي وٺي وڃڻ لاءِ گڏيل عزم جو اظهار ڪيو. الجيريا جي پارليامينٽ جي ميمبر سعد ارائوس بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس ڪوٺائڻ کي انتهائي اهم قرار ڏيندي چيو ته اهڙيءَ طرح جي فورمز عيوض عالمي پارليامينٽ جي ميمبرن ۽ پارلياماني اڳواڻن سان خيالن جي ڏي وٺ جو موقعو ملي ٿو. سينيٽ چيئرمين چيو ته هي ڪانفرنس اسان کي امن، سلامتي ۽ ترقيءَ لاءِ گڏيل لائحه عمل اختيار ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. هن الجيريا جي شرڪت کي اهم قرار ڏيندي چيو ته هي بين الپارلياماني تعاون ۽ علائقائي يڪجهتي جي عزم جو اظهار آهي. هن پائيدار تعاون، عالمي ۽ علائقائي چئلينجز جو مقابلو ڪرڻ جي عزم کي ورجايو. سينيٽ چيئرمين پارلياماني تعاون کي به اهم قرار ڏنو ۽ وفدن جي مٽاسٽا ۾ تيزي آڻڻ سميت پارلياماني فرينڊشپ گروپس وچ ۾ رابطه ڪاري جي اهميت کي به اجاگر ڪيو. هن چيو ته عالمي سطح تي تڪرارن جي منصفاڻي حل لاءِ ڪوششون اڻٽر آهن. سينيٽ چيئرمين ايراني وفد جي شرڪت کي اهم قرار ڏيندي چيو ته امن، ترقي ۽ خوشحالي پاڪستان ۽ ايران جو گڏيل ويزن آهي. سينيٽ چيئرمين سان مالديپ جي وفد به ملاقات ڪئي ۽ ڪانفرنس ۾ شرڪت تي خوشيءَ جو اظهار ڪيو. ملاقات ڪندڙ وفدن ۾ ملائيشيا، گڏيل عرب امارتن ۽ـ شام جا وفد به شامل هئا. سينيٽ چيئرمين انهن ملاقاتن ۾ ملائيشيا، يو اي اي ۽ شامي وفدن سان لاڳاپن ۽ تعاون تي روشني وڌي ۽ تعاون کي هٿي ڏيڻ تي زور ڀريو.

مزید خبریں