وفاقي گاديءَ واري هنڌ کي وڌيڪ محفوظ ۽ منظم بڻائڻ لاءِ حڪومت هڪ اهم منصوبو شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي: طلال چوڌري

اسلام آباد-13 نومبر (اي پي پي)گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو آهي ته وفاقي گاديءَ واري هنڌ کي محفوظ ۽ منظم بڻائڻ لاءِ پاڪستان حڪومت ”سڪيورنيبر هوڊ“ جي نالي سان هڪ اهم منصوبو شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان منصوبي تحت اسلام آباد ۾ گهر گهر سروي ڪئي ويندي ته جيئن هر علائقي ۾ رهندڙ ماڻهن جو مڪمل رڪارڊ حاصل ڪري سگهجي. اهڙو اظهار هن پارليامينٽ هائوس …

اسلام آباد-13 نومبر (اي پي پي)گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو آهي ته وفاقي گاديءَ واري هنڌ کي محفوظ ۽ منظم بڻائڻ لاءِ پاڪستان حڪومت ”سڪيورنيبر هوڊ“ جي نالي سان هڪ اهم منصوبو شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان منصوبي تحت اسلام آباد ۾ گهر گهر سروي ڪئي ويندي ته جيئن هر علائقي ۾ رهندڙ ماڻهن جو مڪمل رڪارڊ حاصل ڪري سگهجي. اهڙو اظهار هن پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. مملڪتي وزير ان موقعي تي چيو ته اسلام آباد ڪچهري ٻاهر ٿيل هاڻوڪي ڌماڪي جي جاچ جاري آهي، جڏهن ته مستقبل ۾ اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ جديد حڪمت عملي اختيار ڪئي پئي وڃي. هن ٻُڌايو ته ”سڪيورنيبر هوڊ“ تحت ٿيندڙ سروي سان انتظاميه کي اها خبر پوڻ ۾ مدد ملندي ته وفاقي گاديءَ واري هنڌ جي ڪهڙي علائقي ۾ ڪير رهندڙ آهي، ان قدم سان نه صرف سيڪيورٽي ادارن کي سهولت حاصل ٿيندي پر ڏوهن جي روڪٿام ۽ عوام جي تحفظ کي به يقيني بڻائي سگهبو. طلال چوڌري وڌيڪ چيو ته اسلام آباد ۾ گاڏين ۽ موٽر سائيڪلن لاءِ اليڪٽرانڪ ٽڪيٽنگ سسٽم متعارف ڪرايو پيو وڃي، جنهن کان پوءِ ڪنهن به گاڏيءَ جي چُرپر کي مانيٽر ڪيو ويندو. سندس چوڻ هو ته اسلام آباد جي انتظاميه جون ذميداريون ٻين شهرن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهن، ڇاڪاڻ ته هتي سفارتڪار، پرڏيهي شهري ۽ اهم سرڪاري آفيسون موجود آهن، ان لاءِ شهر جي سيڪيورٽيءَ کي وڌيڪ مؤثر بڻائڻ جا قدم ضروري آهن. اسلام آباد جي ڊي سي عرفان نواز ميمڻ ٻُڌايو ته سروي 17 نومبر کان شروع ڪئي پئي وڃي، ان مقصد لاءِ 2 موبائل ايپليڪيشنز تيار ڪيون ويون آهن جن کي عام شهري ڊائون لوڊ ڪري پنهنجي ۽ پنهنجي ڪٽنب جي ڊيٽا اپ لوڊ ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته شهرين کي پنهنجي گهرن ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن جي معلومات به ايپ ۾ داخل ڪرڻي پوندي، جن گهرن جا رهواسي پاڻ ايپ ذريعي ڊيٽا فراهم نه ڪندا، اُتي انتظاميه جون ٽيمون وڃي معلومات جمع ڪنديون. ڊي سي شهرين کي اپيل ڪئي آهي ته هو ان قومي سيڪيورٽي منصوبي ۾ ڀرپور تعاون ڪن ته جيئن گاديءَ واري هنڌ کي جديد ۽ محفوظ ترين شهر بڻائي سگهجي، هي منصوبو وفاقي حڪومت طرفان اسلام آباد کي سمارٽ سٽي ماڊل تي منتقل ڪرڻ طرف هڪ اهم قدم قرار ڏنو پيو وڃي.

مزید خبریں