توانائي واري وفاقي وزير پاران وانا ڪيڊٽ ڪاليج تي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت

اسلام آباد-13 نومبر (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري وانا ڪيڊٽ ڪاليج تي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي ان کي هڪ بزدلاڻو ۽ افسوس جوڳي دهشتگرداڻي ڪارروائي قرار ڏنو آهي. وانا ڪيڊٽ ڪاليج حملي تي جاري وڊيو بيان ۾ هن چيو ته حملي جو مقصد ڏڦيڙ پکيڙڻ هو، جنهن کي سيڪيورٽي فورسز وقت سر ۽ اثرائتي ڪارروائي ڪندي ناڪام بڻايو. ڪيڊٽ ڪاليج …

اسلام آباد-13 نومبر (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري وانا ڪيڊٽ ڪاليج تي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي ان کي هڪ بزدلاڻو ۽ افسوس جوڳي دهشتگرداڻي ڪارروائي قرار ڏنو آهي. وانا ڪيڊٽ ڪاليج حملي تي جاري وڊيو بيان ۾ هن چيو ته حملي جو مقصد ڏڦيڙ پکيڙڻ هو، جنهن کي سيڪيورٽي فورسز وقت سر ۽ اثرائتي ڪارروائي ڪندي ناڪام بڻايو. ڪيڊٽ ڪاليج تي حملو اي پي ايس پشاور تي حملي جي ياد تازي ڪري ٿو. وقت سر ڪارروائي سان سَوين جانين کي بچائڻ تي سيڪيورٽي ادارن جو شڪريو ادا ڪريان ٿو. هن چيو ته دهشتگرديءَ جي ناسور جو مقابلو ڪندا رهنداسين، پاڪستان کي پُرامن ۽ دهشتگرديءَ کان پاڪ بڻائڻ لاءِ قربانيون ڏيندا رهنداسين، پاڪ فوج ۽ سيڪيورٽي ادارن جو شڪريو.

مزید خبریں