پاڪستان ۾ مستقبل جون سموريون اڏاوتون هاڻ گرين بلڊنگ ڪوڊ تحت ٿينديون: احسن اقبال

اسلام آباد-13 نومبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان ۾ مستقبل جون سموريون اڏاوتون هاڻ گرين بلڊنگ ڪوڊ تحت ٿينديون. اسلام آباد ۾ انٽرنيشنل فنانس ڪارپوريشن (آءِ ايف سي) جي سهڪار سان رٿيل پاڪستان گرين بلڊنگز سيشن کي خطاب ڪندي هن چيو ته حڪومت اُڏام پاڪستان فريم ورڪ تحت سمورن مستقبل جي ترقياتي منصوبن ۾ گرين اڏاوتن …

اسلام آباد-13 نومبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان ۾ مستقبل جون سموريون اڏاوتون هاڻ گرين بلڊنگ ڪوڊ تحت ٿينديون. اسلام آباد ۾ انٽرنيشنل فنانس ڪارپوريشن (آءِ ايف سي) جي سهڪار سان رٿيل پاڪستان گرين بلڊنگز سيشن کي خطاب ڪندي هن چيو ته حڪومت اُڏام پاڪستان فريم ورڪ تحت سمورن مستقبل جي ترقياتي منصوبن ۾ گرين اڏاوتن ۽ ماحولياتي پائيداري کي لازمي قرار ڏنو آهي ته جيئن پاڪستان جو تعميراتي ڍانچو سبز، مستحڪم ۽ ماحول دوست ٿئي. پروفيسر احسن اقبال چيو ته گرين بلڊنگ ڪوڊ جو لاڳو ٿيڻ سمورن سرڪاري منصوبن ۾ توانائيءَ جي بچت، پاڻيءَ جي دانشمنداڻي استعمال، تجديد جوڳي مواد کي هٿي وٺرائڻ ۽ تعميراتي گدلاڻ ۾ گهٽتائيءَ کي يقيني بڻائيندو حڪومت ماحولياتي خطرن جي ردعمل مان نڪري ڪلائميٽ سمارٽ پلاننگ طرف عملي قدم وڌايو آهي. وفاقي وزير ترقياتي ڀائيوارن، مقامي ترقياتي عملدارن ۽ نجي شعبي جي ڊولپرز تي زور ڀريو ته اهو پنهنجن منصوبن ۾ گرين اسٽينڊرڊز ۽ عالمي معيار جا اصول شامل ڪن، ڇاڪاڻ ته ماحولياتي ذميداري صرف حڪومت نه پر پوري قوم جي گڏيل ذميداري آهي. وفاقي وزير چيو ته پلاننگ ڪميشن گرين بلڊنگ ڪوڊ کي لاڳو ڪرڻ سان گڏ هڪ نئين باب جي شروعات ڪئي آهي جيڪا پاڪستان کي جٽادار ترقي ۽ موسيماتي مزاحمت جي راهه تي گامزن ڪندو. وفاقي وزير ماهرن ۽ ترقياتي ڀائيوارن کي چيو ته هو اهڙيون عملي تجويزون فراهم ڪن جيڪي ايندڙ بجيٽ ۾ سبز تعميرات لاءِ پاليسي مراعتن جي تعين ۾ مددگار ثابت ٿين، ته جيئن پاڪستان هڪ جٽادار، مضبوط ۽ موسمياتي چئلينجز لاءِ مستقبل طرف وڌي سگهي.

مزید خبریں