اسلام آباد - 13 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت چيو آهي ته ڪيڊٽ ڪاليج وانا تي حملي جي منصوبابندي ۽ ڪنٽرول افغانستان مان ڪيو ويو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ڪيڊٽ ڪاليج وانا تي دهشتگردن جي حملي جي حوالي سان سوشل ميڊيا ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ چيو ته ڪيڊٽ ڪاليج وانا تي حملي جي منصوبابندي ۽ ڪنٽرول افغانستان مان ڪيو ويو هو. اطلاعات ۽ …
ڪيڊٽ ڪاليج وانا تي حملي جي منصوبابندي ۽ ڪنٽرول افغانستان مان ڪيو ويو هو: اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت

مزید خبریں
اسلام آباد – 13 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت چيو آهي ته ڪيڊٽ ڪاليج وانا تي حملي جي منصوبابندي ۽ ڪنٽرول افغانستان مان ڪيو ويو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ڪيڊٽ ڪاليج وانا تي دهشتگردن جي حملي جي حوالي سان سوشل ميڊيا ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ چيو ته ڪيڊٽ ڪاليج وانا تي حملي جي منصوبابندي ۽ ڪنٽرول افغانستان مان ڪيو ويو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پنهنجي بيان ۾ واضح ڪيو آهي ته حملي جي منصوبابندي افغانستان ۾ خارجي زاهد ڪئي ۽ ان جي حتمي منظوري خارجي نور ولي محسود ڏني هئي. بيان مان واضح آهي ته حملي ۾ شامل سمورا ماڻهو افغان هئا ۽ حملي جون ڪڙيون افغانستان ۾ موجود خارجي نور ولي محسود سان ملن ٿيون، وانا ۾ حملي جي لاءِ ساز ۽ سامان آمريڪي ساخت جو هو جيڪو افغانستان مان آندو ويو. خارجي نور ولي محسود جي حڪم تي ٽي ٽي پي تان حملي جي ذميواري هٽائي ”جيش الهند“ نالي تنظيم تي وڌي وئي. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت چيو ته افغان طالبان پاڪستان ۽ دوست ملڪن جي اعتراض جي ڏس ۾ فتنه الخوارج تي حملن جي ذميواري قبول نه ڪرڻ جي لاءِ دٻاءُ وجهن ٿا، ڪيڊٽ ڪاليج وانا تي حملي جو مقصد ڀارتي ايجنسي ”را“ جي مطالبي تي پاڪستان ۾ سيڪيورٽي خدشن کي وڌائڻ هو، حملي ۾ مارجي ويل افغان دهشتگردن جي سڃاڻپ سان افغانستان مان ٿيندڙ دهشتگردي واضح طور تي ثابت ٿئي ٿي. ان کان اڳ گهرو وزير پڻ بيان جاري ڪيو هو ته اسلام آباد جي عدالت ۾ خودڪش ڌماڪو ڪندڙ عثمان عرف قاري جو تعلق پڻ افغانستان سان آهي.











