اسلام آباد - 13 نومبر (اي پي پي) خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري سان ڊبلن سٽي ڪائونسل جي ميمبر عمار علي ملاقات ڪئي، ان موقعي تي جمهوريت جي استحڪام، گڏيل قدرن جي فروغ ۽ پاڪستان ۽ آئرلينڊ جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب عمار علي پاڪستان پيپلزپارٽي جي باني شهيد …
خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري سان ڊبلن سٽي ڪائونسل جي ميمبر عمار علي جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد – 13 نومبر (اي پي پي) خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري سان ڊبلن سٽي ڪائونسل جي ميمبر عمار علي ملاقات ڪئي، ان موقعي تي جمهوريت جي استحڪام، گڏيل قدرن جي فروغ ۽ پاڪستان ۽ آئرلينڊ جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب عمار علي پاڪستان پيپلزپارٽي جي باني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۽ سياسي وراثت کي خراج تحسين پيش ڪيو. هن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي جمهوريت ۽ سماجي انصاف جي فروغ جي لاءِ خدمتن تي پنهنجي تحقيق جا نقطا پڻ خاتون اول سان شيئر ڪيا. خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري ڪونسلر عمار علي جي لاءِ ڊبلن جي ڊپٽي ميئر جي چونڊن ۾ ڪاميابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن پاڪستان سان رابطا جمهوريت جي فروغ ۽ شهري ذميواري بابت آگاهي وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. بي بي آصفه ڀٽو زرداري چيو ته نوجوان قيادت جو ڪردار جمهوريت جي تسلسل ۽ عالمي سطح تي پاڪستان جي مثبت تشخص جي لاءِ انتهائي اهم آهي.











