اسلام آباد - 13 نومبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا فيڊرل ڪانسٽيٽيوشنل ڪورٽ (پروسيجر اينڊ پريڪٽس) ايڪٽ 2025ع جي مسودي ۽ پاڪستان آرمي ايڪٽ، پاڪستان ايئر فورس ايڪٽ ۽ پاڪستان نيوي ايڪٽ ۾ ترميمن جي منظوري ڏئي ڇڏي، انهن ترميمن جو مقصد پاڪ فوج بابت قانونن کي 27هين آئيني ترميم سان هم آهنگ ڪرڻ آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت …
وفاقي ڪابينا پاران فيڊرل ڪانسٽيٽيوشنل ڪورٽ (پروسيجر اينڊ پريڪٽس) ايڪٽ 2025ع جي مسودي ۽ پاڪستان آرمي ايڪٽ، پاڪستان ايئر فورس ايڪٽ ۽ پاڪستان نيوي ايڪٽ ۾ ترميمن جي منظوري

مزید خبریں
اسلام آباد – 13 نومبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا فيڊرل ڪانسٽيٽيوشنل ڪورٽ (پروسيجر اينڊ پريڪٽس) ايڪٽ 2025ع جي مسودي ۽ پاڪستان آرمي ايڪٽ، پاڪستان ايئر فورس ايڪٽ ۽ پاڪستان نيوي ايڪٽ ۾ ترميمن جي منظوري ڏئي ڇڏي، انهن ترميمن جو مقصد پاڪ فوج بابت قانونن کي 27هين آئيني ترميم سان هم آهنگ ڪرڻ آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ لاڳاپيل قانونن کي 27هين آئيني ترميم سان هم آهنگ ڪرڻ جي حوالي سان اهم فيصلا ڪيا ويا. بيان موجب وفاقي ڪابينا پاڪستان آرمي ايڪٽ، پاڪستان ايئرفورس ايڪٽ ۽ پاڪستان نيوي ايڪٽ ۾ ترميمن جي منظوري ڏئي ڇڏي، انهن ترميمن جو مقصد پاڪ فوج بابت قانونن کي 27هين آئيني ترميم سان هم آهنگ ڪرڻ آهي، آئين جي آرٽيڪل 243 ۾ جيڪي ترميمون ڪيون ويون آهن انهن جي بنياد تي ضروري قانونسازي ڪئي وئي آهي جنهن ۾ چيف آف ڊفينس فورسز جي عهدي جو مدو به شامل آهي، انهن ترميمن تحت چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪميٽي جو عهدو موجوده چيئرمين جي رٽائرمينٽ کانپوءِ ختم ٿي ويندو. اهڙي طرح انهن قانونن ۾ فيلڊ مارشل، مارشل آف دي ايئر فورس، ايڊمرل آف دي فليٽ جا عهدا به شامل ڪيا ويا آهن. اها اسڪيم ۽ لاڳاپيل قانونن ۾ ترميم جديد موجوده ۽ جنگي گهرجن کي سامهون رکي تجويز ڪئي وئي آهي. وفاقي ڪابينا فيڊرل ڪانسٽيٽيوشنل ڪورٽ (پروسيجر اينڊ پريڪٽس) ايڪٽ 2025ع جي مسودي جي پڻ منظوري ڏني. وفاقي ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 7 نومبر 2025ع تي ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي پڻ توثيق ڪئي.











