اسلام آباد-13 نومبر (اي پي پي)سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني اميد ظاهر ڪئي آهي ته هو سينيٽر سيف الله ابڙو کي استعيفيٰ واپس وٺڻ لاءِ راضي ڪري وٺندو. پارليامينٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته 27هين آئيني ترميم اڳ ئي سينيٽ مان منظور ٿي چڪي آهي، مخالف ڌُر ترميم ۾ جيڪي بهتريون چاهيون پئي اهي ڪيون ويون آهن. سينيٽ چيئرمين چيو ته سيف الله …
اميد آهي ته سينيٽر سيف الله ابڙو کي استعيفيٰ واپس وٺڻ تي راضي ڪري وٺندس: يوسف رضا گيلاني

مزید خبریں
اسلام آباد-13 نومبر (اي پي پي)سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني اميد ظاهر ڪئي آهي ته هو سينيٽر سيف الله ابڙو کي استعيفيٰ واپس وٺڻ لاءِ راضي ڪري وٺندو. پارليامينٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته 27هين آئيني ترميم اڳ ئي سينيٽ مان منظور ٿي چڪي آهي، مخالف ڌُر ترميم ۾ جيڪي بهتريون چاهيون پئي اهي ڪيون ويون آهن. سينيٽ چيئرمين چيو ته سيف الله ابڙو جي لکت ۾ استعيفيٰ نه ملي آهي، جڏهن استعيفيٰ ايندي ته ٿي سگهي ٿو ته کيس گُهرايان ۽ کيس استعيفيٰ نه ڏيڻ تي راضي ڪريان. واضح رهي ته تحريڪ انصاف سان تعلق رکندڙ سيف الله ابڙو سينيٽ ۾ 27هين آئيني ترميم جي حمايت ۾ ووٽ ڏنو هو، ان کان پوءِ اجلاس کي خطاب ڪندي استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو.











