واشنگٽن - 13 نومبر (اي پي پي) آمريڪي ناڻي کاتي ايران جي ميزائل ۽ ڊرون سازي جي پروگرامن جي سامان جي خريداري ۾ سهڪار ڪندڙ 32 ماڻهن ۽ ادارن تي پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون آهن . پرڏيهي ميڊيا آمريڪي اختيارين جي حوالي سان ٻڌايو ته انهن پابندين ۾ ايران ۽ ٻين ملڪن ۾ ايراني بيليسٽڪ ميزائل ۽ ڊرون پروگرامن جي حمايت ڪندڙ 32 ماڻهو ۽ ادارا شامل آهن . انهن پابندين …
آمريڪا پاران ايران جي ميزائل ۽ ڊرون سازي جي پروگرامن ۾ سهڪار ڪندڙ 32 ماڻهن ۽ ادارن تي پابنديون لاڳو
واشنگٽن – 13 نومبر (اي پي پي) آمريڪي ناڻي کاتي ايران جي ميزائل ۽ ڊرون سازي جي پروگرامن جي سامان جي خريداري ۾ سهڪار ڪندڙ 32 ماڻهن ۽ ادارن تي پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون آهن . پرڏيهي ميڊيا آمريڪي اختيارين جي حوالي سان ٻڌايو ته انهن پابندين ۾ ايران ۽ ٻين ملڪن ۾ ايراني بيليسٽڪ ميزائل ۽ ڊرون پروگرامن جي حمايت ڪندڙ 32 ماڻهو ۽ ادارا شامل آهن . انهن پابندين جو مقصد عالمي سطح تي سپلائي نيٽ ورڪس ۾ رڪاوٽ وجهڻ آهي جيڪي تهران کي ميزائل پراپيلنٽ، ڊرون ۾ استعمال ٿيندڙ سامان ۽ فوجي ٽيڪنالاجي فراهم ڪندا آهن . وزارت جو جو چوڻ آهي ته هدف بڻايل ادارن جاسمورا اثاثا آمريڪا ۾ منجمند آهن ۽ آمريڪين کي انهن سان ڪنهن به قسم جو معاملو ڪرڻ کان روڪيو ويو آهي.











